وفاقي حڪومت ڇنڇر جي موڪل ختم ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (اڱارو: 04 جون 2024ع) وفاقي حڪومت ڇنڇر جي ڏينهن جي موڪل ختم ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب ڪابينه ڊويزن ڇنڇر جي ڏينهن جي موڪل ختم ڪرڻ جي حوالي سان سمورين وزارتن کان راءِ گهري ورتي آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته سمورين وزارتن کان راءِ ملڻ تي وفاقي ڪابينه کان منظوري ورتي ويندي.  ڪابينه ڊويزن جي ذريعن موجب ڇنڇر جي ڏينهن ملندڙ نتيجا خاطر خواهه نه آهن. موڪل ختم ڪرڻ تي غور عيدالاضحيٰ کان پوءِ ڪابينه اجلاس ۾ ڪيو ويندو.

Read Previous

مولانا فضل الرحمان جو پي ٽي آءِ سان ويهڻ قيامت جي نشاني آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي

Read Next

تڪراري ٽوئٽ: تحريڪ انصاف ايف آءِ جو طلبي نوٽيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو

Most Popular