عدليه مخالف بيان: مصطفيٰ ڪمال سپريم ڪورٽ کان غير مشروط معافي گهري ورتي

ڪراچي: (اڱارو: 04 جون 2024ع) متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال عدليه مخالف بيان تي غير مشروط معافي گهري ورتي آهي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جمع ڪرايل حلفيه بيان ۾ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته مان اعليٰ عدليه جي ججز جو دل سان احترام ڪريان ٿو. عدليه ۽ ججز جي اختيارن ۽ ساک کي بدنام ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهان.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته عدليه بابت پنهنجي بيان تي خاص طور تي 16 مئي تي پريس ڪانفرنس تي غير مشروط معافي گهرڻ چاهيان ٿو. معزز عدالت کان معافي جي درخواست تي پاڻ کي عدالت جي رحم ڪرم تي ڇڏيان  ٿو.

ياد رهي ته سپريم ڪورٽ سينيٽر فيصل واوڊا  ۽ مصطفيٰ ڪمال کي عدليه مخالف بيان ڏيڻ تي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو هو.

Read Previous

شاعر احمد فرهاد جي ضمانت واري درخواست رد، ريمانڊ ۾ 10 جون تائين واڌ

Read Next

ڊاڪٽر عافيا صديقيءَ سان آمريڪي جيل ۾ سزا طور جنسي زيادتي

Most Popular