سنڌ حڪومت وڏي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

ڪراچي: (بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ 3 ڏمهينن لاءِ هٿيارن جي نمائش تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڇوٽ هوندي.

صوبائي گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ هٿيارن جي نمائش تي 3 مهينن لاءِ پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان پابندي کان آجا هوندا، جڏهن ته رجسٽرڊ سيڪيورٽي ڪمپنين جا گارڊ به هٿيار گڏ رکي سگهندا.

پر چرپر دوران هٿيارن جي نمائش جي اجازت نه هوندي، جڏهن ته گارڊ گشت دوران هٿيارن جي نمائش نه ڪري سگهندا.

Read Previous

ڊاڪٽر عافيا صديقيءَ سان آمريڪي جيل ۾ سزا طور جنسي زيادتي

Read Next

پاڪستان ۾ 84 ادارن جي نجڪاري غور هيٺ آهي: اسحاق ڊار

Most Popular