وفاقي بجيٽ: پگهارن ۾ 15 کان 20 سيڪڙو واڌ جي شروعاتي تجويز سامهون اچي وئي

اسلام آباد: (اربع: 05 جون 2024ع)  وفاقي بجيٽ دوران پگهارن ۾ 15 کان 20 سيڪڙو تائين واڌ جي شروعاتي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب بيورو ڪريسي جي موناٽائزيشن پاليسي ۾ 40 هزار کان 60 هزار روپيه اضافي جي تجويز آهي جڏهن ته گريڊ 20 تائين جي آفيسرن لاءِ موناٽائزيشن 65 هزار روپين مان وڌائي 1 لک 5 هزار روپيه ڪرڻ جي تجويز آهي.

گريڊ 21 جي آفيسرن لاءِ 75 هزار روپيه موناٽائزيشن پاليسي کي وڌائي 1 لک 20 هزار روپيه ڪرڻ جي تجويز آهي جڏهن ته گريڊ 22 جي آفيسرن کي ملندڙ موناٽائزيشن 95 هزار روپين مان وڌائي 1 لک 55 هزار روپيه ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته گريڊ 1 کان 22 گريڊ جي ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ سان تقريبن 80 ارب روپين جو واڌ سان تقريبن 80 ارب روپين جو اثر ايندو.

ذريعن موجب هڪ کان 16 گريڊ جي ملازمن لاءِ ميڊيڪل ۽ ڪنوينس الائونس ۾ 200 سيڪڙو واڌ جو مطالبو ڪيو آهي.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب گريڊ 1 کان گريڊ 16 اسڪيل جي ملازمن کي 1800 روپيه ڪنوينس الائونس ۽ 1500 روپيه ميڊيڪل الائونس ملي رهيو آهي. جڏهن ته 17 ۽ 18 گريڊ جي آفيسرن کي انهي وقت 5000 روپيه ڪنوينس الائونس ملي رهيو آهي. 17 کان 18 گريڊ لاءِ به ڪنوينس الائونس ۾ 200 سيڪڙو واڌ جي شروعاتي تجويز آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ کان 16 اسڪيل جي ملازمن کي 2021 ۽ 2022 ۾ 25 ۽ 15 سيڪڙو ڊسپيريٽي الائونس مليو هو. صوبن ۽ وفاق جي ملازمن جي پگهارن ۾ فرق گهٽ ڪرڻ لاءِ ڊسپيريٽي الائونس جاري رکڻ جي به تجويز آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته پگهارن ۽ الائونسز ۾ اضافي جي تجويز شروعاتي مرحلي ۾ آهي، حتمي فيصلو وزيراعظم ناڻي واري وزارت ۽ ڪابينه جي مشاورت سان ڪندو.

Read Previous

پاڪستان ۾ 84 ادارن جي نجڪاري غور هيٺ آهي: اسحاق ڊار

Read Next

موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اڄ موسم گرم رهڻ جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

Most Popular