ڀارتي چونڊن جا حيران ڪندڙ نتيجا: ڪانگريس اتحاد جون 100 اضافي سيٽون، مودي ٽيهر وزيراعظم ٿيڻ لاءِ اتحادين جو محتاج

نئين دهلي (م ڊ) هندستاني چونڊن ۾ اپ سيٽ، هن ڀيري 400 سيٽون پار ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙ مودي کي وڏو ڌچڪو، وڏي اڪثريت نه ماڻي سگهيو، هندستاني چونڊن ۾ ڀارتيه جنتا پارٽي جي 24 جماعتي اتحاد نيشنل ڊيموڪريٽڪ الائنس (اين ڊي اي) جي وڏي اڪثريت سان کٽي مودي جي دعويٰ کي چڪناچور ڪري ڇڏيو، لوڪ سڀا جي ستين ۽ آخري مرحلي لاءِ 8 رياستن جي 57 سيٽن تي پهرين جون تي ووٽنگ ٿي هئي ان سان گڏ ئي چونڊن جو مرحلو ختم ٿي ويو هو. لوڪ سڀا ۽ رياستي اسيمبلين جي چونڊن کان پوءِ ووٽنگ جو عمل جاري رهيو، هندستاني اليڪشن ڪميشن طرفان شروعاتي نتيجن جو اعلان ڪيو جنهن سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو، راهول گانڌي راءِ بريلي ۽ ويانند تڪن تان ڪامياب ٿيو آهي. ڪانگريس اڳواڻ ششي ٿرور به پنهنجي سيٽ کٽي ويو آهي. حيدرآباد دکن مان مسلمان اڳواڻ اسد الدين اويسي ڪامياب ٿيو آهي. بي جي پي اڳواڻ سمرتي ايراني کي شڪست ملي آهي. بي جي پي ايوڌيا جي سيٽ به هارائي وئي آهي جتي هنن بابري مسجد جي جاءِ تي رام مندر تعمير ڪيو هو. راڄڌاني دهلي جون سموريون سيٽون بي جي پي کٽيون آهن عام آدمي پارٽي هڪ به سيٽ حاصل ڪري نه سگهي.ڪيرالا ۾ بي جي پي کي پهريون ڀيرو هڪ سيٽ ملي آهي. جڏهن ته ممبئي مان ڪانگريس کي ڪاميابي ملي آهي. رياستن جي چونڊن ۾ بي جي پي کي پنهنجي سڀ کان مضبوط ڳڙهه اتر پرديش ۾ شڪست ملي آهي. 80 مان اڌ کان وڌيڪ سيٽون ڪانگريس ۽ سماج وادي پارٽي کٽي ورتيون آهن. آنڌرا پرديش ۾ ٽي ڊي پي 175 مان 163 سيٽون کٽي واضح ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. اڙيسا ۾ بي جي پي 147 مان 78، بجرنگ دل 51، ڪانگريس 14 ۽ ٻين پارٽين 4، اروناچل پرديش ۾ بي جي پي 60 مان 46 ۽ ٻين 8، سڪم ۾ سڪم پارٽي 32 مان 31 ۽ بي جي پي هڪ به سيٽ نه کٽي سگهي. لوڪ سڀا جي 543 سيٽن جا نتيجا سامهون اچڻ کانپوءِ هندستاني ميڊيا ۽ سرويز ايجنسيز جا ايگزٽ پول غلط ثابت ٿي ويا ۽ بي جي پي اتحاد اين ڊي اي وڏي اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، اين ڊي اي 300 سيٽون کڻڻ مشڪل بڻجي ويو آهي. هندستاني ميڊيا موجب مودي جي سربراهي ۾ 24 جماعتي اتحاد اين ڊي اي کي 294 سيٽن تي برتري حاصل آهي، جنهن ۾ ڀارتيه جنتا پارٽي جون 234 سيٽون شامل آهن. بي جي پي چونڊ نعرو ”هن ڀيري 400 پار“ لڳايو هو پر اهو ناممڪن بڻجي ويو آهي. جاري نتيجن موجب ڀارتيه جنتا پارٽي 85 سيٽون کٽي چڪي آهي جڏهن ته 154 ۾ برتري ماڻي چڪي آهي. جڏهن ته موجوده چونڊن ۾ کيس 50 سيٽن کان وڌيڪ سيٽن تان هٿ ڌوئڻو پئجي ويو، 2019 جي چونڊن ۾ بي جي پي لوڪ سڀا جون 303 سيٽون کٽيون هيون. هوڏانهن ڪانگريس جي سربراهي ۾ 24 جماعتي اتحادانڊا 231 سيٽن تي اڳتي آهي، ڪانگريس هن وقت تائين 39 سيٽن تي ڪاميابي ماڻي آهي، 60 تي کيس برتري آهي، سماج وادي پارٽي 38 ۽ آل انڊيا ترنمول ڪانگريس 29 سيٽن تي اڳيان آهي. ڪانگريس اتحاد بي جي پي جي ڳڙهه سمجهي ويندڙ رياست اترپرديش ۾ اپ سيٽ ڪري ڇڏيو، 80 مان 44 سيٽن تي برتري حاصل ڪري ورتي، جن مان 38 تي سماج وادي پارٽي ۽ 6 تي ڪانگريس اڳيان آهي بي جي پي جون 32 سيٽون آهن. 543 سيٽن واري ايوان ۾ حڪومت سازي لاءِ 272 جو انگ گهربل آهي، بي جي پي کي هن وقت جي نتيجن موجب سادي اڪثريت حاصل آهي ۽ حڪمران جماعت جي ئي مسلسل ٽيون ڀيرو اقتدار ۾ اچڻ جو امڪان آهي.

Read Previous

موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اڄ موسم گرم رهڻ جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

Read Next

سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ مصطفيٰ ڪمال جي معافيءَ واري استدعا رد ڪري ڇڏي

Most Popular