ناليوارو سماجي اڳواڻ صارم برني ڪراچي ايئرپورٽ تان گرفتار، ايف آءِ اي جي ذريعن موجب صارم برني کي آمريڪا کان وطن واپسيءَ تي ڪراچي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو
ذريعن موجب صارم برني ٽرسٽ جي سربراهه صارم برني تي سنگين نوعيت جا الزام آهن، ذريعن موجب صارم برني جي سرگرمين تي وڏي عرصي کان نظر رکي پئي وئي
ايف آءِ اي جي اينٽي هيومن ٽريفڪنگ ٽيم پاران صارم برني کي حراست ۾ ورتو ويو
وطن واپسي کان اڳ پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ صارم برني چيو هو ته منهنجي ذات تي جيڪو گند اڇلايو پيو وڃي جلد ان جو جواب ڏيندس