ڪلوئي ڀرسان پراسرار بيماري وگهي 10 مور مري ويا، ڪيترائي بيمار

ڪلوئي(رپورٽر)ڪلوئي ڳوٺ ٻانڌو هوٿي ساهڙ، تل ساهڙ، ڊاڀو ۽ ٻين ڳوٺن مان ۾ ٻن ڏينهن دوران پراسرار بيماري وگهي ڏھ کان مٿي مور مري ويا، ڪيترائي مور بيماري ۾ وڪوڙيل ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن  ٻڌايو ته ڪجھه ڏينھن کان مورن ۾ بيماري پکڙجي وئي آهي جنهن جي ڪري هو ڦٿڪي ڦٿڪي مري رهيا آهن ڪيترائي مور بيماري ۾ وڪوڙيل آهن وائلڊ لائيف کاتي کي اطلاع پڻ ڪيو آهي پر هن مهل تائين وائلڊ لائيف کاتي پاران تحرڪ نه ورتو ويو آهي هن مطالبو ڪيو ته جلد ان معاملي جو نوٽيس وٺي مورن جو علاج ڪرايو وڃي جيئن مورن جو نسل بچي سگهي.

Read Previous

غزه ۾ فلسطيني ٻارڙن جي قتلام سبب اسرائيل جو نالو به گڏيل قومن جي بليڪ لسٽ ۾ شامل

Read Next

هالا ڀرسان ٻارن جي ڳالهه تان جھيڙو، فائرنگ ۾ 9 ڄڻا زخمي

Most Popular