بجيٽ 25-2024 جي ۾ اقتصادي ترقي جو هدف 3.6 سيڪڙو مقرر، ترقياتي بجيٽ ۾ 1000 ارب رپين جو اضافو

نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ وفاق ۽ صوبن جي ترقياتي بجيٽ ۾ 1000 ارب رپيا واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

هلندڙ مالي سال جو معاشي سروي اڄ پيش ڪيو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ جاري ڪيل پڌرائي موجب ايندڙ مالي سال لاءِ معاشي ترقي جو هدف 3.6 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي، زرعي شعبي جي ترقي جو هدف 3.6 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته صنعتي شعبي جي ترقي جو هدف 4.4 سيڪڙو ۽ وڏين صنعتن جي ترقي جي شرح 3.5 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي.

اعلان موجب خدمتن جي شعبي ۾ واڌ جو هدف 4.1 سيڪڙو ۽ مجموعي سيڙپڪاري جو هدف جي ڊي پي جو 14.2 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي، ايندڙ مالي سال لاءِ سراسري مهانگائي جو هدف 12 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي.

بجيٽ دستاويز موجب نئين مالي سال لاءِ وفاق ۽ صوبا گڏيل طور تي 3792 ارب رپيا ترقياتي منصوبن تي خرچ ڪندا، جيڪي هلندڙ مالي سال کان 1012 ارب رپيا وڌيڪ آهن.

وفاق پي ايس ڊي پي کي 550 ارب مان وڌائي 1500 ارب رپيا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته چئني صوبن جو سالياني ترقياتي پلان 462 ارب رپين جي اضافي سان 2095 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي

دستاويزن موجب سنڌ صوبو سڀ کان وڌيڪ 764 ارب رپيا ترقياتي منصوبن تي خرچ ڪندو.

پنجاب 700 ارب رپيا، خيبرپختونخواهه 351 ارب ۽ بلوچستان 281 ارب رپيا ترقياتي بجيٽ مختص ڪئي آهي

Read Previous

قومي اسيمبلي جي 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي: فافن رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

Read Next

پ پ بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو

Most Popular