پ پ بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (اربع: 12 جون 2024ع) پاڪستان پيپلز پارٽي بجيٽ معاملي تي خدشن جو اظهار ڪندي بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو.

نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پيپلز پارٽي کي پرچائڻ لاءِ بلاول ڀٽو جي چيمبر ۾ پهچي ويو آهي. اسحاق ڊار بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪري پيپلز پارٽي جا خدشا ختم ڪندو.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شازيه مري چيو آهي ته اسان ته حڪومت کي سپورٽ ڪري رهيا آهيون پر حڪومت به اسان جي مسئلن کي سيريس وٺي. بجيٽ تي اسان کي بريفنگ نه ڏني وئي. هن چيو ته چئني صوبن ۾ مسئلا آهن اسين چاهيون ٿا ته حڪومت پنهنجو واعدا پورا ڪري ۽ سنجيدگي ڏيکاري.

پ پ پاران قومي اسيمبلي ميمبرن کي پارليامينٽ لاجز ۾ پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. خورشيد شاهه چيو ته اسان کي پي ايس ڊي پي تي ڀروسي ۾ نه ورتو ويو.

ذريعن موجب پ پ ميمبرن اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيڻ جي راءِ ڏني آهي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ پارلياماني پارٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري به شرڪت ڪئي. اهم اجلاس ۾ حڪومت ۽ بجيٽ جي حوالي سان مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

Read Previous

بجيٽ 25-2024 جي ۾ اقتصادي ترقي جو هدف 3.6 سيڪڙو مقرر، ترقياتي بجيٽ ۾ 1000 ارب رپين جو اضافو

Read Next

قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع: مالي سال 25-2024 جو بجيٽ پيش ڪيو پيو وڃي

Most Popular