ميرپورخاص ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف سوين آبادگارن جو ڌرڻو

ميرپور خاص ۾ نارا ڪئنال مان نڪرندڙ شاخن ۾ پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو، ميرپور خاص ۾ نارا ڪئنال مان نڪرندڙ  شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ڌرڻو

آبادگارن حيدرآباد روڊ تي جمڙائو موري وٽ شاميانا لڳائي ڌرڻو هنيو، جڏهن ته سنڌڙي  ۾ آبادگارن جو پاڻيءَ جي کوٽ خلاف ڌرڻو، ايس ڊي او آبپاشي جو گهيراءُ ڪيو ويو

گرهوڙ شاخ جي آبدگارن کپرو-ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽائر ساڙيا، ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل، ڌرڻي واري هنڌ تان گذرندڙ ايس ڊي او آبپاشي سليم نارائي جي گاڏيءَ جو به گهيراءُ ڪيو ويو

آبادگارن جو چوڻ هو ته گرهوڙ شاخ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب فصل تباهه ٿي ويا آهن، جر کارو ٿي وڃڻ سبب انسان توڙي جانور اڃ مري رهيا آهن، پاڻيءَ جي کوٽ ختم ڪري معاشي استحصال ۽ اڃ مرڻ کان بچايو وڃي

سنڌڙي ۽ ڀرپاسي جا سوين آبادگار ميرپورخاص پهچي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، اڳواڻن چيو ته نارا ڪئنال جا ڪامورا من پسند ماڻهن  کي پاڻي ڏئي رهيا آهن

مظاهرين چيو ته شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب فصلن جي پوکائي متاثر ٿي آهي، پهريان ئي مهانگائي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، هٿرادو پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي

Read Previous

اسٽيلز ملز نجڪاري لسٽ مان خارج، سنڌ سرڪار کي ڏيڻ جو انڪشاف

Read Next

ممبئي هاءِ ڪورٽ سلمان خان کي فائرنگ ڪيس ۾ وڏو رليف ڏئي ڇڏيو

Most Popular