
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان کي ممبئي هاءِ ڪورٽ فائرنگ ڪيس جي جوابدار جي فوت ٿيڻ واري ڪيس ۾ وڏو رليف ڏئي ڇڏيو آهي
عدالت حڪم ڏنو ته فائرنگ ڪيس ۾ ملوث جوابدار انوج ٿاپن جي موت جي جاچ ۾ اداڪار جو نالو خارج ڪيو وڃي
سلمان خان جي گهر ٻاهريان فائرنگ ڪندڙ جوابدارن کي هٿيار پهچائڻ جي الزام ۾ پوليس انوج ٿاپن کي گرفتار ڪيو هو ۽ پهرين مئي تي جيل ۾ سندس موت واقع ٿي وئي هئي
انوج ٿاپن جي ماءُ پٽ جي موت تي هڪ ڪيس داخل ڪرايو، جنهن ۾ سلمان خان جو نالو به شامل ڪري جاچ جي درخواست ڪئي وئي هئي.