چار مهينا اڳ اغوا ٿيل هالا واسي حافظ سيف الله ميمڻ بازياب ٿي گهر پهچي ويو

هالا: چار مهينا اڳ اغوا ٿيل هالا واسي مدرسي جو استاد حافظ سيف الله ميمڻ بازياب ٿي گهر پهچي ويو

 حافظ سيف الله کي هالا کان خيرپور شادي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ويندي رستي تان اغوا ڪيو ويو هو

 مغوي جي بازيابي لاءِ ڏوهارين پاران پهرين هڪ ڪروڙ ۽ بعد ۾ 50 لک ڀنگ طلب ڪيو ويو هو

 ذريعن موجب مغوي استاد جي 16 لک روپين جي ڀنگ عيوض بازيابي ممڪن ٿي، وارثن پاران ميڊيا کي ڪي به تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو ويو

 ايس ايس پي اصغر مٽياري جو چوڻ آهي ته مبينا مغوي جي بازيابيءَ بابت ڪا ڄاڻ نه آهي، ڄاڻ ملي ته ميڊيا کي ٻڌايو ويندو

Read Previous

ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب پگهاردار طبقي تي ٽيڪسز ۾ واڌ تي اعتراض رد ڪري ڇڏيا

Read Next

آمريڪا کي شڪست: ڀارت سپر 8 لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، پاڪستان جون اميدون برقرار

Most Popular