آءِ ايم ايف نئي مالي سال جي بجيٽ تي اطمينان جو اظهار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (خميس: 13 جون 2024ع) عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) نئين مالي سال جي بجيٽ تي اطمينان جو اظهار ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف جي مطالبي تي بجيٽ ۾ سمورن ٽيڪسن ۾ ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. بجيٽ ۾ 3 هزار ارب روپين کان وڌيڪ جي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تجويز آهي. ٽيڪس نيٽ ۾ واڌ لاءِ ايف بي آر کي انفورسمنٽ کي وڌايو ويو.

ايندڙ مالي سال 3 هزار 800 ارب روپين کان وڌيڪ ٽيڪس محصولات حاصل ڪيا ويندا. حڪومت جو آءِ ايم ايف کي اڳواٽ شرطن تي عمل ڪرڻ بابت نئون پروگرام جلد طئي ٿيڻ ۽ آءِ ايم ايف کان اسٽاف ليول معاهدو جون ۾ طئي ٿيڻ جو امڪان آهي.

آءِ ايم ايف جي مطالبي تي پگهار طبقي تي انڪم ٽيڪس کي عالمي معيار موجب ڪيو ويو. آءِ ايم ايف جي تجويز تي ٽيڪس چوري روڪڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويندو. توانائي جي سبسڊيز محدود ڪري صارفين کان مڪمل پيداواري لاڳت وصول ڪئي ويندي.

ذريعن موجب ايندڙ مالي سال حڪومتي بجلي ڪمپنين جي نجڪاري ۽ پاور سيڪٽر کي ڊي ريگوليٽ ڪيو ويندو جڏهن ته حڪومتي ڪمپنين جي نجڪاري کي تيز ڪيو ويندو. حڪومتي ڪمپنين کي دوست عرب ملڪن جي حڪومتي ڪمپنين جي حوالي ڪيو ويندو.

ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته سياسي پارٽيون آءِ ايم ايف پروگرام تي سياست نه ڪنديون ۽ صوبائي حڪومتون به نئين پروگرام تي مڪمل عمل ڪنديون.

Read Previous

سائفر ڪيس: عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي بريت سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج

Read Next

پگهاردار طبقي تي ٽيڪس لڳائڻ کان سواءِ اڳيان نٿا وڌي سگهون: محمد اورنگزيب

Most Popular