سانگھڙ ڀرسان زمين ۾ اٺ اچڻ تان زمنيدار اٺ جي ٽنگ ڪٽي ڇڏي، مالڪ پريس ڪلب پهچي ويو

سانگھڙ: (جعمو: 14 جون 2024ع) سانگھڙ لڳ زمين ۾ اٺ اچڻ تان زمنيدار اٺ جي ٽنگ ڪٽي ڇڏي، اٺ مالڪ اٺ جي ٽنگ کڻي پريس ڪلب پهچي ويو.

سانگھڙ ڀرسان منگلي ٿاڻي جي حد ۾ زميندار ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي، ھيڊ جمڙائو لڳ ڳوٺ ندو خان شر ۾ زمين ۾ اٺ پوڻ  تي زميندار اٺ جي ٽنگ ڪٽي ڇڏي ڀاڳيو سومر خان بھڻ ڪٽيل ٽنگ کڻي پريس ڪلب ورڪشاپ پهچي ويو.

ھن ايس ايس پي سانگھڙ کي گھرجي ته نوٽيس وٺي زميندار خلاف ڪارروائي ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

Read Previous

سنڌ جي 30 کرب 56 ارب رپين جي بجيٽ پيش، پگهارن ۾ 30 سيڪڙو تائين واڌ

Read Next

گمبٽ ڀرسان گهر اندران پيرسن جو تشدد ٿيل لاش هٿ

Most Popular