وزيراعظم شهباز شريف پاران اڄ قوم کي خطاب جو امڪان

اسلام آباد: (جعمو: 14 جون 2024ع) وزيراعظم شهباز شريف جي اڄ قوم کي خطاب جو امڪان آهي.

وزيراعظم شهباز شريف بجيٽ تي قوم کي اعتماد ۾ وٺندو.

وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي خطاب ۾ چين جي دوري بابت به ڳالهائيندو.

گذريل ڏينهن ٽيڪس سڌارن ۽ معيشت جي ڊجيٽلائزيشن تي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ٽيڪس چورن، باقيدارن ۽ سندن مدد ڪندڙن جو احتساب ٿيندو.

هن چيو ته بجيٽ تياري دوران واضح هدايتون ڏنيون هيون ته اشرافيا کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو.

شهباز شريف چيو ته پهرين ترجيح ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪرڻ ۽ ٽيڪس ڏيندڙن جو انگ وڌائڻ آهي.

Read Previous

سنڌ ڪابينه اجلاس: نئين مالي سال 2024_25 لاءِ 30 کرب رپين جي بجيٽ جي منظوري

Read Next

حياتي رهي ته 10 ڏينهن اندر عدت ڪيس اپيلن بابت فيصلو ٻڌائيندس: جج افضل مجوڪا

Most Popular