اسلام آباد: (جعمو: 14 جون 2024ع) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت عدت ۾ نڪاح ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ سندس زال بشريٰ بي بي طرفان سزا معطلي ۽ جلد ٻڌڻي جي اپيلن تي ٻڌڻي 21 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
اپيلن تي بڌڻي جج افضل مجوڪا ڪئي، بشريٰ بي بي جو وڪيل خالد يوسف چوڌري، عثمان رياض گل عدالت م پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ وڪيلن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو گذريل ڏينهن وارو لکت ۾ آرڊر عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو.
جنهن تي جج افضل مجوڪا چيو ته جيڪڏهن زنده رهيس 10 ڏينهن اندر فيصلو ڪندس، سڀاڻي ممڪن ناهي، ڪيئي ضمانتن جون درخواستون لڳل آهن، جيڪڏهن ٻي پارٽي پيش نه به ٿي تڏهن به فيصلو ڪري ڇڏيندس.
تنهن کانپوءِ عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 21 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.