شاعر احمد فرهاد جي ضمانت منظور

مظفرآباد: (جعمو: 14 جون 2024ع) آزاد ڪشمير هاءِ ڪورٽ شاعر احمد فرهاد جي ضمانت منظوري ڪري ورتي.

آزاد ڪشمير جي هاءِ ڪورٽ احمد فرهاد جي 2 لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي.

ياد رهي ته شاعر احمد فرهاد مئي جي مهيني ۾ وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد مان کنڀجي ويو هو، جنهن جي بازيابي لاءِ سندس گهر واريءَ عروج زينب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي.

بازيابي واري درخواست بعد آزاد ڪشمير پوليس سندس گرفتاري ظاهر ڪئي.

Read Previous

وزيراعظم سان اسٽيٽ بينڪ جي اڳوڻي گورنر رضا باقر ۽ عالمي ڪنسلٽنسي فرم جي وفد ملاقات

Read Next

سنڌ جو ترقياتي بجيٽ ٻين صوبن جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي، وڏي وزير جي پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس

Most Popular