سنڌ جو ترقياتي بجيٽ ٻين صوبن جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي، وڏي وزير جي پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس

ڪراچي: (ڇنڇر: 15 جون 2024ع)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته هلندڙ مالي سال جو بجيٽ گذريل بجيٽ کان 34 سيڪڙو وڌيڪ آهي، سنڌ جو ترقياتي بجيٽ ٻين صوبن جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي، ايندڙ سال جي لاءِ ساڍا 3 سيڪڙو جي ڊي پي گروپ  جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. ڪوشش هوندي ته جي ڊي پي جي حوالي سان وفاق سان تعاون ڪريون.

سنڌ اسيمبلي ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان جي بجيٽ جو ٽوٽل حجم 3.056 ٽريلين روپيه آهي. اسان ڪوشش ڪنداسين ته اسڪيمن کي پورو ڪريون. اسان ايندڙ سال گروٿ تي وينداسين ان جو اهو مطلب ناهي ته هن سال اهي ڪم نه ڪنداسين.

هن چيو ته 60 ارب روپيه اسان ترقياتي بجيٽ جي لاءِ رکيا آهن. ترقياتي پروگرامن لاءِ 956 اب روپيه آهن نگران حڪومت چونڊيل حڪومت جون ترقياتي اسڪيمون بند ڪري ڇڏيون. وفاقي حڪومت به اسان  جون اسڪيمون ختم ڪيون. وفاق  سنڌ کي به پاڪستان جو حصو سمجهي ترقياتي اسڪيمون ڏئي.

مراد علي شاهه چيو ته اسان جو ترقياتي بجيٽ ٻين صوبن کان وڌيڪ آهي. اسان نه پهريون ڀيرو حڪومت ڪري رهيا آهيون نه آخري ڀيرو، اسان ڊگهي وقت جا پروگرام آڻيندا آهيون. هن چيو ته گريڊ 6 کان 16 تائين جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. 17 گريڊ کان 22 گريڊ وارن جي پگهارن ۾ 22 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. اسان انهي کي متوازن رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسان جو ورڪر وفاق جي مقابلي ۾ ڪنهن به سهوليت کان محروم نه هجي.

Read Previous

شاعر احمد فرهاد جي ضمانت منظور

Read Next

سنڌ جي عدليه ۾ ڳجهن ادارن جي مداخلت جي ڪابه شڪايت نه آهي: چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ

Most Popular