سنڌ جي عدليه ۾ ڳجهن ادارن جي مداخلت جي ڪابه شڪايت نه آهي: چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي: (ڇنڇر: 15 جون 2024ع) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس عقيل احمد عباسي چيو آهي ته سنڌ جي عدليه ۾ ڳجهن ادارن جي مداخلت جي ڪابه شڪايت نه آهي. واضح طور تي چوان ٿو ته مون سان ڪنهن به رابطو نه ڪيو آهي.

اهڙن خيالن جو اظهار هن روينيو کاتي جي تعان سان هاءِ ڪورٽ ۾ ان لينڊ رجسٽريشن سسٽم جو افتتاح ڪرڻ کان پوءِ صحافين سا ڳاهائيندي ڪيو. تقريب ۾ هاءِ ڪورٽ جا ججز ۽ وڪيل اڳواڻن شرڪت ڪئي.

اهڙي سسٽم جي تحت سائلين کي عدالت  ۾ جمع ڪرايل دستاويزات جي تصديق لاءِ روينيو جا چڪر نه لڳائڻا پوندا. ضمانت جي دستاويزن جي فوري طور تي تصديق به ڪري سگهجي ٿي.

چيف جسٽس عقيل احمد عباسي چيو ته ڳجهن ادارن جي مداخلت جي ڪابه شڪايت نه آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه اڻوڻندڙ شيون ڏنيون آهن پر ڪنهن به فون نه ڪيو آهي. ماتحت عدالتن مان به اهڙو ڪوبه ڪيس سامهون نه آيو. سنڌ جي عدليه تي ڪنهن مخصوص ڪيس ۾ دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي. پوري ديانتداري سان چوان ٿو ته اليڪشن ٽربيونل، جج جي بدلي معمول جي ڪارروائي هئي. ججز جي بدلي جو نظام تمام گهڻو پراڻو آهي. ميڊيا هميشه مثبت رول ادا ڪيو آهي.

هن چيو ته ڪجهه ڪوششون اهڙيون ضرور ڪيون ويون پر خدا جي رحمت سان  مون تي ڪنهن به دٻاءُ ناهي وڌو. عدليه جي آزادي انهن جي فيصلن سان نظر ايندي آهي. ظاهري طور تي اهڙي ڪابه ڳالهه نظر نه آئي، هڪ  يا 2 ڀيرا اهڙي ڪوشش ٿي جنهن جي جاچ ڪئي ته بعد ۾ اها غلط فهمي ثابت ٿي.

Read Previous

سنڌ جو ترقياتي بجيٽ ٻين صوبن جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي، وڏي وزير جي پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس

Read Next

وزيراعظم پيٽرول جي قيمت ۾ 10 روپيه 20 پئسا لاٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري

Most Popular