واعدو ڪريان ٿو ته آءِ ايم ايف جو موجوده پروگرام پاڪستان جي تاريخ جو آخري پروگرام هوندو: وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف قوم کي خطاب ۾ چيو آهي ته واعدو ٿو ڪريان ته آءِ ايم ايف جو موجوده پروگرام پاڪستان جي تاريخ جو آخري پروگرام هوندو

مستقبل جو رستو چونڊيو آهي، عوام جو پئسو ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، قوم جو هڪ هڪ پئسو قومي ترقي تي خرچ ڪيو ويندو

قوم کي خطاب ۾ شهباز شريف عيد الاضحيٰ جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته فلسطين تي ظلم ۽ جبر ٿي رهيو آهي

غزه ۾ 40 هزار ماڻهو شهيد ٿيا، ڪشميرين تي جيڪو ظلم ڪيو پيو وڃي، اهو بي مثال آهي، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته ڪشميرين ۽ فلسطينين کي سندن آزادي جو حق ملي

ملڪ جي معاشي صورتحال بابت هن چيو ته هن 2022ع ۾ اقتدار سنڀاليو ۽ پاڪستان کي ڊفالٽ ٿيڻ کان بچايو. ڊفالٽ کان بچائڻ لاءِ نواز شريف ۽ آصف زرداري جي هدايتن تي ڪم ڪيو

هن چيو ته اڄ پاڪستان بتدريج معاشي مشڪلاتن مان نڪري ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن آهي

معاشي تنگي مان نڪرڻ ۽ خوشحالي جي سفر ۾ ملڪ جي اشرافيه جي قربانين جي ضرورت آهي

وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته 8 فيبروري جي چونڊن کانپوءِ جڏهن حڪومت سنڀالي ته اسان جي قدمن سبب مهانگائي 38 سيڪڙو کان گهٽجي 12 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. قرضن تي 22 سيڪڙو وياج جي شرح گهٽائي 20 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، جنهن سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ملندي

هن چيو ته اڄ اسان جي حڪومت کي 100 ڏينهن مڪمل ٿي ويا آهن، گذريل ڏينهن پيٽرول جي اگهن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي هئي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان مهانگائي جي بار هيٺ آيل عوام کي ڪجهه رليف ملندو

Read Previous

وزيراعظم پيٽرول جي قيمت ۾ 10 روپيه 20 پئسا لاٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري

Read Next

دشمن فلسطين ۾ رتوڇاڻ چاهي ٿو، فسادن کان پري رهو، ظلم ڪندڙ پڪڙ ۾ ايندو: حج جو خطبو

Most Popular