بوٽ چٽڻ ۾ پي ٽي آءِ وارن جو ڪو ثاني ڪونهي: خواجه آصف

اسلام آباد: (جمعو: 21 جون 2024ع) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ ڏيڍ سالن کان زور لڳايو پر ڪجهه نه ٿين هاڻي وري منٿ ميڙ تي اچي ويا آهن.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي خواجه آصف جو چوڻ هو ته عون چوڌري چيو هو ته هو پي ٽي آءِ باني کي ڊگي ۾ لڪائي جنرل امجد اعواڻ جي گهر وٺي ويو هو، اتي پي ٽي آءِ باني جنرل باجوا جي پيرن کي هٿ نه لڳايو باقي هر طرح جي منٿ ڪئي.

وفاقي وزير ٻڌايو ته جيترا بوٽ پي ٽي آءِ وارن چٽيا آهن، شايد ڪنهن نه چٽيا هجن، مجبور ڪيو ويو ته انهن ماڻهن جا نالا ٻڌائيندس جيڪي اسان وٽ اچي ڪري پي ٽي آءِ باني کي گاريون ڏيندا هئا.

Read Previous

گهريلو صارفين تي ماهوار 200 کان هڪ هزار رپيا فڪسڊ چارجز لاڳو

Read Next

پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو،ريلين ۽ جلسن تي پابندي

Most Popular