سکر بيراج جي گيٽ 44 ۽ 47 کي نقصان، آبپاشي وزير ۽ عملدار پهچي ويا

سکر بيراج جي گيٽ 44 ۽ 47 کي نقصان پهچڻ جي اطلاع تي آبپاشي وارو وزير، سيڪريٽري ۽ ٻيا عملدار بيراج تي پهچي ويا، آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو ۽ سيڪريٽري ظريف کيڙو نقصان پهتل درن جو جائزو ورتو

 ميئر سکر، ايم ڊي سيڊا، سکر ۽ روهڙي بيراجز جي چيف انجنيئرز صورتحال بابت آبپاشي واري وزير کي بريفنگ ڏني

 ڄام خان شورو چيو آهي ته بيراج جي گيٽس کي نقصان پهچڻ سبب پاڻي ڊائون اسٽريم ۾ ڇڏيو پيو وڃي

هن چيو ته بيراج جي دروازن جي مرمتي ڪم سبب ليفٽ بينڪ ۽ رائيٽ بينڪ ڪينال کي پاڻي نه ڏئي سگهبو، درن جي مرمتي ڪم سبب آبادگارن ۽ عوام سان معذرت ڪيون ٿا

Read Previous

انٽر بئنڪ ۾ ڊالر سستو ٿي ويو

Read Next

نئون اين ايف سي ايوارڊ 14سالن کانپوءِ به اچڻ جا امڪان ختم، مدو وڌائڻ جو فيصلو

Most Popular