شيخ رشيد فوج سان ڳالهين ذريعي وچون رستو ڪڍڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد فوج سان ڳالهين ذريعي وچون رستو  ڪڍڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

 اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته ڪشمير کانپوءِ خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جون حالتون خراب ٿي رهيون آهن

هن چيو ته آمريڪي ڪانگريس جي 368 ميمبرن ٺهراءُ پاس ڪيو، اهي فارم 47 جا ميمبر ناهن، چيني وزير اسلام آباد ۾ تقرير ڪري ويو ، قوم ان تي به سوچي

شيخ رشيد چيو ته نواز شريف به ايندڙ مهيني جي آخر تائين پنهنجو بيانيو تبديل ڪري ڇڏيندو، حڪومت رڳو پنهنجو ڪيس ختم ڪرڻ آئي آهي، اهي باني پي ٽي آءِ کي تڪڙو  ٻاهر نڪرڻ نه ڏيندا، چور، ڌاڙيل، نااهل ۽ ناڪام بجيٽ  پيش ڪندڙ حڪومت کي گهر موڪلڻ گهرجي

Read Previous

عمران خان ۽ بشريٰ بيبي جون اپيلون رد، سزا برقرار

Read Next

وفاقي سرڪار پاران پاڪستان ۾ چونڊن بابت آمريڪي پارليامينٽ جي ٺهراءَ تي جوابي ٺهراءُ آڻڻ جو اعلان

Most Popular