وفاقي سرڪار پاران پاڪستان ۾ چونڊن بابت آمريڪي پارليامينٽ جي ٺهراءَ تي جوابي ٺهراءُ آڻڻ جو اعلان

وفاقي سرڪار پاران پاڪستان ۾ چونڊن بابت آمريڪي پارليامينٽ جي ٺهراءَ تي جوابي ٺهراءُ آڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

 پرڏيهي وزير اسحاق ڊار قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان آمريڪي پارليامينٽ جي ٺهراءَ کي رد ڪري چڪو آهي، اسان کي پنهنجي خودمختياري ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻو آهي

هن چيو ته  پرڏيهي وزارت آمريڪي ٺهراءَ تي فوري طور پنهنجو ردعمل ڏنو، آمريڪي ٺهراءَ جي مقابلي ۾ اسان جوابي ٺهراءُ ضرور آڻينداسين، اسان معاملي جو نوٽيس ورتو آهي ۽ جوابي ٺهراءَ جو مسودو تيار آهي

هن چيو ته ٺهراءَ جو مسودو سڀني سان شيئر ڪنداسين، غزه جي معاملي تي اسان اسرائيل جو نالو کڻي مذمت ڪئي آهي

Read Previous

شيخ رشيد فوج سان ڳالهين ذريعي وچون رستو ڪڍڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

Read Next

آمريڪي سازش جا الزام لڳائيندڙ پي ٽي آءِ پاران آمريڪي ٺهراءَ جي آجيان: هاڪاري قدم قرار

Most Popular