کپري جو اڳوڻو تعلقي ناظم خدابخش درس گارڊ سوڌو قتل

کپرو ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ فنڪشنل ليگ جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو تعلقي ناظم خدابخش درس گارڊ سوڌو قتل

خدابخش درس گارڊ سان گڏ پنهنجي زمين تي ويٺل هو ته هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري ڏني، هٿياربندن گوليون هڻي پهرين گارڊ خالق ڏنو درس کي قتل ڪيو، بعد ۾ خدا بخش درس تي فائرنگ ڪري ڏني

گوليون لڳڻ سبب خدا بخش درس ۽ سندس گارڊ خالق ڏنو درس ٿڏي تي دم ڏنو، واقعي بعد هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، خدابخش د رس جي گارڊ سوڌو قتل بعد کپرو، ڍليار، هٿونگو ۽ سنواري شهر بند ٿي ويا

مقتولن جا مڙهه کپرو تعلقي اسپتال منتقل ڪيا ويا، درس برادري جا ماڻهو ۽ شهري وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا، خدابخش درس مشرف دور ۾ 2 ڀيرا تعلقي ناظم بڻيو، 2013ع جي عام چونڊن ۾ خدا بخش درس شازيا عطا مري جي مقابلي ۾ قومي تڪ تي چونڊ به وڙهي هئي ۽ هارائي ويو هو

Read Previous

سنڌ سرڪار پاران گريڊ هڪ کان 15 تائين جي ملازمن جي ڀرتين لاءِ اميدوارن جي ٽيسٽ ۽ انٽرويوز ٻيهر وٺڻ جو فيصلو

Read Next

قومي اسيمبلي مالي سال 25-2024 جي وفاقي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Most Popular