ڀٽو جي خلاف بيان تي ايم ڪيو ايم معافي گهري، سنڌ جو گورنر استعيفيٰ ڏئي: پ پ جو مطالبو

ڪراچي: (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان مطالبو ڪيو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم ذوالفقار علي ڀٽو جي خلاف بيان ڏيڻ تي معافي گهري ۽ سنڌ جو گورنر فوري طور تي استعيفيٰ ڏئي.

ڪراچي ۾ سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ ۽ توانائي واري وزير ناصر حسين شاهه پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ اسان کي به ايندو آهي.

شرجيل ميمڻ چيو ته حلفيه چوان ٿو ته ايم ڪيو ايم ڪڏهن به ڪنهن باضابطه ملاقات ۾ ڪوٽه سسٽم ختم ڪرڻ جو مطالبو نه ڪيو آهي. هن چيو ته شهيد ڀٽو تي ملڪ ورهائڻ جو الزام لڳائڻ شرمناڪ عمل آهي.

هن وڌيڪ چيو ته متحده جي رابطه ڪميٽي ۾ اڌ کان وڌيڪ سرڪاري ملازم ويٺل آهن، ماضي ۾ سمورا ٽارگيٽ ڪلرز واٽر بورڊ ۽ ڪي ايم سي جا ملازم هوندا هئا، خالد مقبول جي سياسي حيثيت ٻڙي برابر ٻڙي آهي.

پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناصر حسين شاهه چيو ته اسان سمجهون ٿا ته ايم ڪيو ايم وارن منافقت جي سياست کان پاسو ڪري ورتو آهي پر اهو پڇ ٽيڙو جو ٽيڙو رهيو آهي.

Read Previous

جوابدارن پاران چاچيءَ ۽ سئوٽِ کي ڪمري ۾ واڙي ڀت سان لنبي ڇڏڻ جو انڪشاف

Read Next

پگهاردار طبقي کي اڄ کان ماهوار ڪيترو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو، تفصيل سامهون اچي ويا

Most Popular