پگهاردار طبقي کي اڄ کان ماهوار ڪيترو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو، تفصيل سامهون اچي ويا

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) نئين مالي سال 2024-25 جي شروعات اڄ کان ٿي وئي آهي. جنهن کان پوءِ بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي تي اضافي ٽيڪسن تي عمل شروع ڪيو ويو آهي.

فنانس بل جي تحت ماهوار 50 هزار يا ساليانو 6 لک روپيه آمدني تي انڪم ٽيڪس ڇوٽ ملندي. هڪ لک روپين تائين ماهوار پگهار تي انڪم ٽيڪس وڌائي 5 سيڪڙو ڪيو ويو آهي.

اهو ٽيڪس ساليانو 6 لک کان 12 لک آمدني تي وصول ڪيو ويندو. اهڙي طبقي کي ماهوار 1250 روپين جي بجاءِ 2500 روپيه ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. ساليانو 12 لک روپين کان 22 لک آمدني تي ٽيڪس جي شرح 15 سيڪڙو هوندي.

انهي طبقي کي 30 هزار روپيه فڪسڊ ٽيڪس به ادا ڪرڻو پوندو. ماهوار هڪ لک 83 هزار 344 روپيه پگهار طبقي کي 15 سيڪڙو ٽيڪس ڏيڻو پوندو. اهڙن ماڻهن جو ماهوار انڪم ٽيڪس 11667 مان وڌائي 15 هزار روپيه ڪيو ويو آهي.

ساليانو 22 لک کان 32 لک روپيه آمدني تي 25 سيڪڙو انڪم ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. اهڙي ڪيٽيگري جي ملازمن کي ساليانو 1 لک 80 هزار فڪسڊ ٽيڪس به ڏيڻو پوندو.

ماهوار 2 لک 67 هزار 667 روپيه پگهار تي انڪم ٽيڪس 25 سيڪڙو ڪيو ويو آهي اهڙي طبقي لاءِ ماهوار ٽيڪس 28 هزار 770 مان وڌائي 36 هزار 83 روپيه ڪيو ويو.

فنانس بل 20024 موجب ساليانو 32 لک کان 41 لک روپيه آمدني تي ٽيڪس جي شرح 30 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي. اهڙي طبقي کي 4 لک 30 هزار روپيه فڪسڊ ٽيڪس به ادا ڪرڻو پوندو. ماهوار 3 لک 41 هزار 667 تائين پگهار تي به ٽيڪس 30 سيڪڙو لاڳو ٿيندو. اهڙن ماڻهن جو ماهوار ٽيڪس 47 هزار 400 مان وڌائي 58 هزار 333 روپيه مقرر ڪيو ويو.

ساليانو 41 لک روپين کان وڌيڪ پگهار تي سڀني کان وڌيڪ 35 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويو آهي. اهڙي طبقي کي ساليانو 7 لک فڪسڊ ٽيڪس به ادا ڪرڻو پوندو. هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني تي ماڻهن ۽ اي او پيز کي 10 سيڪڙو سرچارج ڏيڻو پوندو.

Read Previous

ڀٽو جي خلاف بيان تي ايم ڪيو ايم معافي گهري، سنڌ جو گورنر استعيفيٰ ڏئي: پ پ جو مطالبو

Read Next

بجلي جي چوري روڪڻ ۽ وصولين لاءِ آءِ ايس آءِ، ايم آءِ جو گڏيل يونٽ قائم ڪرڻ جو فيصلو

Most Popular