بجلي جي چوري روڪڻ ۽ وصولين لاءِ آءِ ايس آءِ، ايم آءِ جو گڏيل يونٽ قائم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت بجلي جي چوري روڪڻ ۽ وصولين جي لاءِ آخري پلان لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي جنهن جي تحت آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ ٻين آفيسرن تي ٻڌل گڏيل يونٽ قائم ڪيو ويندو.

رپورٽ موجب لاڳاپيل ڊسڪو جو سي اي او ڊائريڪٽر جڏهن ته سيڪٽر ڪمانڊر سول آرمڊ فورسز جو ڊائريڪٽر هوندو. پاور ڊويزن سمري  توانائي بابت ڪابينه ڪميٽي ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي جنهن جي سڀاڻي منظوري جو امڪان آهي.

پهرين مرحلي ۾ ملتان اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ۾ يونٽ قائم ٿيندو. جتي پاور سيڪٽر بدترين صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ ماضي جا سمورا اصلاحاتي منصوبا ناڪام ٿي چڪا آهن.

توانائي واري وزارت موجب ورهاست ڪندڙ ڪمپنيون 1 هزار 780 ارب روپين جا واجبات وصول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪيون آهن. بدانتظامي سبب اصلاحات  جو سمورو عمل ناڪام ٿي چڪو آهي. ڊسڪو سپورٽ يونٽ جا نتيجا ملڻ کان پوءِ ٻين ڪمپنين ۾ سپورٽ يونٽ قائم ڪيو ويندو. ڊسڪو سپورٽ يونٽ سيڪريٽري پاور ڊويزن کي سڌو سنئون رپورٽ ڪندو.

Read Previous

پگهاردار طبقي کي اڄ کان ماهوار ڪيترو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو، تفصيل سامهون اچي ويا

Read Next

عمران خان پارٽي ڇڏيندڙ اڳواڻن جي واپسي روڪي ڇڏي

Most Popular