عمران خان پارٽي ڇڏيندڙ اڳواڻن جي واپسي روڪي ڇڏي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ باني عمران خان پارٽي ڇڏيندڙ اڳواڻن جي واپسي کي روڪي ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب پي ٽي آءِ باني جي هدايت تي قائم ڪيل 7 رڪني ڪميٽي پارٽي ڇڏيندڙ اڳواڻن جي واپسي جو فيصلو ڪندي.

ذريعن موجب انهي ڪميٽي جي سربراهي شاهه محمود قريشي ڪندو جڏهن ته ڪميٽي ۾ اسد قيصر، حامد خان، شهريار آفريدي، بيرسٽر گوهر ۽ شبلي فراز شامل هوندا.

ذريعن موجب شاندانه گلزار کي به ڪمپني ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ اهي عورتن جي ڪيسز ۽ انهي جي پارٽي ڇڏڻ جي سببن تي رپورٽ پيش ڪندي. جنهن کان پوءِ ڪميٽي حتمي نالن جي فهرست پي ٽي آءِ باني ڏانهن اماڻيندي جيڪو حتمي فيصلو ڪندو.

ذريعن ٻڌايو آهي ته پارٽي قيادت عمران خان جي آزادي تائين ڪنهن به اڳواڻ جي پارٽي ۾  واپسي کي روڪي ڇڏيو آهي ۽ پي ٽي آءِ باني جي آزادي کان پوءِ ئي اڳواڻن جي واپسي جو فيصلو ڪيو ويندو.

Read Previous

بجلي جي چوري روڪڻ ۽ وصولين لاءِ آءِ ايس آءِ، ايم آءِ جو گڏيل يونٽ قائم ڪرڻ جو فيصلو

Read Next

عوام کي نوڪرين کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش کي ايم ڪيو ايم پنهنجي فتح سمجهي رهي آهي: مرتضيٰ وهاب

Most Popular