عوام کي نوڪرين کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش کي ايم ڪيو ايم پنهنجي فتح سمجهي رهي آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: (رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته صوبي جي عوام کي نوڪرين کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش کي ايم ڪيو پنهنجي فتح سمجهي رهي آهي.

ڪراچي جي ميئر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بيرسٽر مرتضيٰ وهاب ايم ڪيو ايم جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ۾ چيو ته ايم ڪيو ايم هميشه شهرين جي حقن جو سودو ڪيو آهي.

ايم ڪيو ايم پنهنجن اختلافن کان تنگ اچي الزام هڻڻ جي سياست ڪري رهي آهي. ايم ڪيو ايم جي مثال اها آهي ته هو جنهن ٿالهي ۾ کائيندي آهي انهي ۾ ئي سوراخ ڪندي آهي. ڪراچي ۾ جڏهن به ٻوري بند لاشن جون ڳالهيون ٿينديون اتي ايم ڪيو ايم جو ذڪر ضرور ٿيندو.

مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي هميشه عوام کي ميرٽ جي بنياد تي نوڪريون ڏنيون. پيپلز پارٽي روزگار ڏيندي آهي ڦريندي نه آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو تي ڳالهائڻ سان ايم ڪيو ايم جي ننڍن اڳواڻن جو قد ڪڏهن به نه وڌندو.

Read Previous

عمران خان پارٽي ڇڏيندڙ اڳواڻن جي واپسي روڪي ڇڏي

Read Next

گريڊ 1 کان 15 تائين جون سرڪاري نوڪريون ڪراچي جي مقامي ماڻهن کي ملڻ گهرجن: ايم ڪيو ايم

Most Popular