حڪومت کي خطرو آهي ته وزيراعظم اسمبليون ٽوڙي نيون چونڊون ڪرائي: نيئر بخاري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ)  پيپلز پارٽي پارليامينٽريز جي سيڪريٽري جنرل نيئر حسين بخاري چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت کي خطرو آهي ته وزيراعظم صدر کي ايڊوائس ڪري ۽ اسيمبلي ٽوڙي نئين چونڊن جو اعلان ڪري.

نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي نيئر حسين بخاري چيو ته حڪومت کي خطرو آهي ته اسان سان شيئر ڇو نٿو ڪيو وڃي. پارليامينٽ ۾ حڪومت کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون پر هي ڪجهه ٻڌائين ته صحيح. حڪومت کي خطرو آهي ته وزيراعظم صدر کي ايڊواس ڪري ۽ اسيمبليون ٽوڙي نيون چونڊون ڪرائي.

پ پ اڳواڻ چيو ته صدر آصف علي زرداري ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته ويهي ڳالهيون ڪريو، صدر زرداري ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو پر ڪير به ويهڻ جي لاءِ تيار نه آهي. پيپلز پارٽي آئيني بالادستي تي يقين رکي ٿي حل به آئين موجب نڪرندو پر جيڪڏهن سسٽم ڊي سيل ٿي ويو ته ان سان نقصان ملڪ جو ٿيندو.

هن چيو ته پي ٽي آءِ باني ڀروسي جوڳو نه آهي، اهو ڳالهيون ڪري ڦري ويندو آهي، پي ٽي آءِ باني هڪ ڏينهن چوندو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين لاءِ تيار آهيان، ان جي ٻئي ڏينهن وري ٻيون ڳالهيون ڪندو آهي، هڪڙي ڏينهن چوندو آهي ته محمود اچڪزئي کي ڳالهين جو اختيار ڏنو، ٻئي ڏينهن چوي ٿو ته نه ڏنو. ڳالهيون انهي سان ٿينديون آهن جنهن تي ڀروسو هجي پر پي ٽي آءِ باني يو ٽرن کي پنهنجي سياست جي معراج سمجهندو آهي.

نيئر بخاري چيو ته نوازشريف جي ملڪ واپسي جو ڪريڊٽ بينظير ڀٽو ڏانهن وڃي ٿو جيڪڏهن پرويز مشرف جي وردي نه لهي ها ته ڇا نوازشريف واپس اچي ها؟ هن چيو ته عام چونڊن کان اڳ پارٽي فيصلو ڪيو هو ته بلاول ڀٽو وزيراعظم جو اميدوار هوندو. اسان 8 فيبروري جي چونڊ نتيجن کي خدشن سان گڏ قبول ڪيو. پيپلز پارٽي کي منصوبي جي تحت ڪجهه سيٽون نه ڏنيون ويون، جيڪڏهن(ن) ليگ جو ساٿ نه ڏيون ها ته ڇا اڄ پارليامينٽ ۽ چيف ايگزيڪٽو جي آفيس هلي سگهي ها.؟

Read Previous

آمريڪا پاڪستانين لاءِ ويزا جي مقرري جو وقت گهٽائي ڇڏيو

Read Next

آءِ پي پيز جي معاملي تي حافظ نعيم سان کليل مناظري جي لاءِ تيار آهيان: اويس لغاري

Most Popular