مخصوص سيٽن تي سپريم ڪورٽ جي اقليتي فيصلي ۾ اٿاريل نڪتن جو جواب اچڻ ضروري آهي: عطا تارڙ

اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته مخصوص سيٽن بابت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي ججز اختلافي نوٽ ۾ اهم نڪتا اٿاريا آهن جنهن جو جواب اچڻ تمام گهڻو ضروري آهي.

فيصل آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي اطلاعات واري وزير عطاالله تارڙ چيو ته مخصوص سيٽن جي فيصلي کي 15 ڏينهن گذرڻ جي باوجود تفصيلي فيصلو نه آيو آهي. مخصوص سيٽن جي معاملي ۾  انهي پارٽي کي رليف ڏنو ويو جيڪا درخواستگذار نه هئي.

هن چيو ته مخصوص سيٽن بابت اختلافي نوٽ جاري ڪيو ويو آئين جا ڪجهه آرٽيڪل مخصوص سيٽن بابت آهن. وفاقي وزير چيو ته معزز ججز چيو هو ته  15 ڏينهن گذرڻ جي باوجود تفصيلي فيصلو ڇو نه آيو. سپريم ڪورٽ جي ٻن جج صاحبان  بهترين نڪتا اٿاريا آهن. معزز ججز جي اٿاريل اعتراض جو جواب اچڻ تمام گهڻو ضروري آهي. هڪ طرفو رليف ڏيڻ سان غلط تاثر پيدا ٿيندو.

هن وڌيڪ چيو ته مخصوص سيٽن جي فيصلي تي نظرثاني جي  درخواست داخل ڪئي آهي ڇا مستقبل ۾ به انهي فيصلي کي جواز بنائي فلور ڪراسنگ يا پارٽي تبديل ڪري سگهبي.

عطاءُالله تارڙ چيو ته سني اتحاد ڪونسل جي چيئرمين آزاد حيثيت سان اليڪشن ۾ حصو ورتو، سني اتحاد ڪونسل جي آئين ۾ آهي ته ڪوبه اقليتي ميمبر انهن جي پارٽي جو ميمبر نٿو بڻجي سگهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن مخصوص سيٽن بابت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي ججز اقليتي فيصلو جاري ڪيو هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته پي ٽي آءِ کي رليف آئين جي ابتڙ ڏنو ويو. فيصلي جي روشني ۾ آئين جي آرٽيڪل 51، 63  ۽ 106 کي معطل ڪرڻو پوندو.

Read Previous

بلاول ڀٽو طرفان فرض جي ادائيگي دوران حياتيون قربان ڪندڙ پوليس جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش

Read Next

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو جاري، هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ، ڇتون ڪرڻ سبب 12 ڄڻا فوت

Most Popular