 
									                                اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته مخصوص سيٽن بابت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي ججز اختلافي نوٽ ۾ اهم نڪتا اٿاريا آهن جنهن جو جواب اچڻ تمام گهڻو ضروري آهي.
فيصل آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي اطلاعات واري وزير عطاالله تارڙ چيو ته مخصوص سيٽن جي فيصلي کي 15 ڏينهن گذرڻ جي باوجود تفصيلي فيصلو نه آيو آهي. مخصوص سيٽن جي معاملي ۾ انهي پارٽي کي رليف ڏنو ويو جيڪا درخواستگذار نه هئي.
هن چيو ته مخصوص سيٽن بابت اختلافي نوٽ جاري ڪيو ويو آئين جا ڪجهه آرٽيڪل مخصوص سيٽن بابت آهن. وفاقي وزير چيو ته معزز ججز چيو هو ته 15 ڏينهن گذرڻ جي باوجود تفصيلي فيصلو ڇو نه آيو. سپريم ڪورٽ جي ٻن جج صاحبان بهترين نڪتا اٿاريا آهن. معزز ججز جي اٿاريل اعتراض جو جواب اچڻ تمام گهڻو ضروري آهي. هڪ طرفو رليف ڏيڻ سان غلط تاثر پيدا ٿيندو.
هن وڌيڪ چيو ته مخصوص سيٽن جي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست داخل ڪئي آهي ڇا مستقبل ۾ به انهي فيصلي کي جواز بنائي فلور ڪراسنگ يا پارٽي تبديل ڪري سگهبي.
عطاءُالله تارڙ چيو ته سني اتحاد ڪونسل جي چيئرمين آزاد حيثيت سان اليڪشن ۾ حصو ورتو، سني اتحاد ڪونسل جي آئين ۾ آهي ته ڪوبه اقليتي ميمبر انهن جي پارٽي جو ميمبر نٿو بڻجي سگهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن مخصوص سيٽن بابت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي ججز اقليتي فيصلو جاري ڪيو هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته پي ٽي آءِ کي رليف آئين جي ابتڙ ڏنو ويو. فيصلي جي روشني ۾ آئين جي آرٽيڪل 51، 63 ۽ 106 کي معطل ڪرڻو پوندو.
 
         
                                 
                                 
                                 
                                 
                                 
                                 
							  
							  
							  
							 
12 Comments
comment acheter kamagra sans ordonnance
kamagra prescrire sun medicament pharmacie
buying androxal purchase to canada
ordering androxal purchase uk
ordering enclomiphene buy mastercard
order enclomiphene us prices
purchase flexeril cyclobenzaprine generic flexeril cyclobenzaprine
cheap flexeril cyclobenzaprine generic version
order dutasteride generic from canadian pharmacy
cheap dutasteride generic from india
how to buy fildena purchase singapore
discount fildena generic online cheapest
buy cheap itraconazole generic london
How to get a to prescript itraconazole
how to order avodart australia to buy
buy cheap avodart spain over the counter
order staxyn purchase line
buy cheap staxyn generic cheap
buy cheap rifaximin generic pharmacy canada
discount rifaximin canada how to buy
how to order xifaxan lowest cost pharmacy
cheap xifaxan cheap in uk
kamagra 50 mg nízké náklady
koupit kamagra kód
Comments are closed.