
برطانوي اخبار دي گارڊين آڪسفورڊ يونيورسٽي جي چانسلر جي چونڊ واري معاملي تي پي ٽي آءِ باني عمران خان کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو آهي.
برطانوي اخبار گارڊين خدشن جو اظهار ڪندي سوال اٿاري ڇڏيا آهن، دي گارڊين طرفان عمران خان جي آڪسفورڊ چانسلر جي چونڊ لاءِ ڪاغذ جمع ڪرائڻ تي سوال ڪيو ويو ته ڇا طالبان دوست پي ٽي آءِ باني واقعي آڪسفورڊ جي ايندڙ چانسلر جي طور تي بهترين چونڊ آهي؟
برطانوي اخبار طرفان چيو ويو ته پي ٽي آءِ ڪابل مان آمريڪي برطانوي ۽ اتحادي فوج جي وڃڻ کان پوءِ طالبان کي مبارڪباد ڏني، عمران خان طالبان کي غلامي جون زنجيرون ٽوڙڻ تي مبارڪباد ڏني.
پرڏيهي اخبار ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان جنسي طور تي حراسان ٿيندڙ عورتن کي ئي انهي سانحي جو ذميوار قرار ڏنو، پي ٽي آءِ باني اسامه بن لادن کي شهيد قرار ڏنو هو. جڏهن ته عمران خان اسامه بن لادن کي دهشتگرد چوڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو هو.
دي گارڊين اخبار لکيو ته پي ٽي آءِ باني جي نامزدگي آڪسفورڊ جي عورتن خاص طور تي تازي ۽ ماضي جي گريجوئيٽس عورتن جي توهين آهي، اهڙي شخص جو سوچڻ به ڪافي مشڪل آهي، ڪاش! ڪو عمران خان ۽ انهن جي ساٿين کي به اهو ٻڌائي.
برطانوي اخبار ليڊي ايلش انجيوليني کي آڪسفورڊ يونيورسٽي جي چانسلر لاءِ بهترين اميدوار قرار ڏنو آهي، ليڊي ايلش انجيوليني اڳ ئي آڪسفورڊ يونيورسٽي جو اثاثو آهي. ليڊي ايلش انجيوليني اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن هو چانسلر بڻجي ته اها يونيورسٽي جي غريب شاگردن کي وڌيڪ سهولتون ڏيندي. برطانوي اخبار عمران خان کي اينڊيو ٽيٽ سان ڀيٽ ڏئي ڇڏي. گارجين موجب اينڊريو ٽيٽ سوشل ميڊيا انفلوئنسر آهي جيڪو عورتن بابت تڪراري بيان ڏيندو آهي.
ياد رهي ته آڪسفورڊ يونيورسٽي جي چانسلر جي عهدي لاءِ چونڊ 29 آڪٽوبر تي ٿيندي، اڍائي لک اڳوڻا شاگرد ۽ اڳوڻو عملو آن لائين ووٽ وجهندو، نئين چانسلر جو مدو 10 سالن لاءِ هوندو.
13 Comments
enclomiphene and weight gain
cheapest buy enclomiphene overnight no rx
generique kamagra buy online en ligne a bon compte
acheter kamagra en ligne du canada
buying androxal generic pricing
buy cheap androxal new zealand buy online
cheapest buy flexeril cyclobenzaprine generic from canada
get flexeril cyclobenzaprine uk london
get dutasteride generic tablets
ordering dutasteride generic in us
how to order gabapentin usa discount
order gabapentin buy san francisco
comprar fildena sin receta
buy cheap fildena buy online australia
get itraconazole cheap store
online order itraconazole cheap online no prescription
how to buy staxyn uk generic
ordering staxyn generic online pharmacy
get avodart generic online canada
best avodart price
cheap xifaxan cheap prescription
ordering xifaxan uk buy over counter
buying rifaximin generic medications
ordering rifaximin american pharmacy
obecný kamagra ve spojených státech
koupit online kamagra
Comments are closed.