عدليه تي حڪومت جو ڪنٽرول: آئيني بينچ ٺهندي، جج مقرري جو طريقو تبديل، نئون چيف جسٽس 3 ججز مان ٿيندو، حڪومت ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ماڻن ۾ ڪامياب : 26هين آئيني ترميم قومي اسيمبلي ۽ سيٽيٽ مان منظور

عدليه تي حڪومت جو ڪنٽرول: حڪومت 26هين آئيني ترميم بل منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب، ترميمن تحت آئيني بينچ ٺهندي، جج مقرري طريقو تبديل، نئون چيف جسٽس سينارٽي بدران 3 ججز مان ٿيندو، اختيار پارليامينٽ حوالي، وفاقي ڪابينا کانپوءِ سينيٽ مان اڪثريتي راءِ سان بل منظور ڪيو ويو ان بعد قومي اسيمبلي ۾ به بل منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو. تفيصل موجب سينيٽ جو اجلاس سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت ۾ ٿيو اجلاس ۾ وزير قانون اعظم نذير تارڙ 26 آئيني ترميم جو بل سينيٽ ۾ پيش ڪيو. بل کي فوري منظوري لاءِ زير غور هيٺ آڻڻ جي حق ۾  65 ۽ مخالفت ۾ پي ٽي آءِ جي ايوان ۾ موجود چار ميمبرن ووٽ ڏنا،  ان بعد شق وار آئيني ترميم جي منظوري جو عمل شروع ٿيو، هر شق جي حق ۾ 65 ووٽ پيا ائين حتمي منظوري جي حق ۾ به 65 ۽ مخالفت ۾ چار ووٽ پيا.  سينيٽ  26 هين آئيني ترميم جو بل منظور ڪري ورتو. سينيٽ طرفان منظور ڪيل بل ۾ 22 ترميمون شامل آهن. سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس ۾ آئيني بينچز جوڙيون وينديون. شق 16 ۾ وڌيڪ ترميم ڪئي وئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ لاءِ ٺهراءُ کي مجلس شوريٰ مان منظور ڪرائڻ ضروري آهي. صوبائي اسيمبليون صوبائي هاءِ ڪورٽس ۾ آئيني بينچن لاءِ ٺهراءُ پاس ڪنديون. جڊيشل ڪميشن آئيني بينچز ۽ ججز جي تعداد جو تعين ڪندي. آئيني بينچ جو سڀ کان سينئر جج آئيني بينچ جو سربراهه هوندو، آئيني بينچز ۾ سمورن صوبن مان برابر جا جج مقرر ڪيا وڃن، آرٽيڪل 184 تحت پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار آئيني بينچز وٽ هوندو، جنهن تحت سپريم ڪورٽ جو پاڻمرادو نوٽيس وارو اختيار ختم ڪيو ويو آهي، آرٽيڪل 185 تحت آئين جي تشريح بابت ڪيسز آئيني بينچز جي دائري ۾ ايندا. آرٽيڪل 186 تحت مشاورتي اختيار به آئيني بينچز جا هوندا. چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جي مقرري خاص پارلياماني ڪاميٽي جي سفارش تي ڪئي ويندي. پارلياماني ڪاميٽي سپريم ڪورٽ جي ٽن سينيئر ترين ججز مان چيف جسٽس جي مقرري ڪندي. ڪاميٽي جي سفارش تي وزيراعظم چيف جسٽس جو نالو صدر ڏانهن موڪليندو، ڪنهن جج جي انڪار جي صورت ۾ ايندڙ سينيئر جج جي نالي تي غور ڪيو ويندو. چيف جسٽس جي مقرري لاءِ 12 رڪني خصوصي پارلياماني ڪاميٽي جوڙي ويندي. آئيني ترميم جي منظوري کانپوءِ پهريون ڀيرو چيف جسٽس جي رٽائرمينٽ کان ٽي ڏينهن اڳ نالو اماڻيو ويندو. بعد ۾ پارلياماني ڪاميٽي چيف جسٽس جي مقرري لاءِ 14 ڏينهن اڳ نالا موڪليندي. پارلياماني ڪاميٽي ۾ سمورين پارلياماني پارٽين کي متناسب نمائندگي هوندي. پارلياماني ڪاميٽي قومي اسيمبلي جي 8 ۽ سينيٽ جي 4 ميمبرز تي مشتمل هوندي. چيف جسٽس آف پاڪستان جو مدو ٽي سال هوندو. چيف جسٽس جي عمر جي حد 65 سال مقرر ڪئي وئي آهي. آرٽيڪل 184 ٽي تحت سپريم ڪورٽ پنهنجي طور تي ڪا به هدايت يا اعلان جاري نٿي ڪري سگهي، آرٽيڪل 186 اي تحت سپريم ڪورٽ ڪنهن به هاءِ ڪورٽ جو ڪيس ڪنهن ٻئي هاءِ ڪورٽ يا پاڻ ڏانهن منتقل ڪري سگهي ٿي. جوڊيشل ڪميشن هاءِ ڪورٽ جي ججز جي سالياني ڪارڪردگي جو جائزو وٺندي، سپريم ڪورٽ جي ججز جي مقرري ڪميشن ڪندي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميشن ۾ آئيني بينچ جو سينيئر ترين جج به شامل هوندو. ڪميشن ۾ سپريم ڪورٽ جا ٽي سينيئر ججز شامل هوندا. قانون وارو وفاقي وزير، اٽارني جنرل به ڪميشن جا ميمبر هوندا. پاڪستان بار ڪائونسل پاران نامزد ڪيل وڪيل گهٽ ۾ گهٽ 15 سالن جو تجربو رکندڙ ٻن سالن لاءِ ڪميشن جو ميمبر هوندو. قومي اسيمبلي جا ٻه ۽ سينيٽ جا ٻه ميمبر ڪميشن جو حصو هوندا. سينيٽ ۾ ٽيڪنوڪريٽ جي اهليت رکندڙ عورت يا غير مسلم کي به ٻن سالن لاءِ ڪميشن جو ميمبر بڻايو ويندو. آرٽيڪل 48 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي جنهن تحت ڪا به عدالت، ٽربيونل يا اٿارٽي وزير اعظم يا ڪابينا طرفان صدر ڏانهن موڪليل مشوري تي سوال نه ٿو ڪري سگهي. چيف اليڪشن ڪمشنر يا ميمبر جي رٽائرمينٽ کانپوءِ هو نئين مقرري تائين ڪم ڪندو رهندو. سينيٽ مان منظور ٿيل آرٽيڪل 177 ۾ ترميم تحت ٻٽي شهريت رکندڙ ڪو به شخص سپريم ڪورٽ جو جج نه ٿي سگھندو، آرٽيڪل 177 ۾ ترميم تحت سپريم ڪورٽ جو جج ٿيڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ جج جي حيثيت سان 5 سال ڪم ڪرڻ جو تجربو لازمي هوندو. ڪنهن به وڪيل لاءِ سپريم ڪورٽ جو جج ٿيڻ لاٰ بطور وڪيل 15 سال جي پريڪٽس لازمي هوندي.آرٽيڪل 229 ۽ 230 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. پارليامينٽ يا صوبائي اسيمبلين ۾ پاس ٿيڻ واري قانونسازي تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي راءِ وٺي سگهجي ٿي. 25 سيڪڙو ميمبرن جي حمايت سان ڪو به معاملو اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڏانهن موڪلي سگهجي ٿو. سينيٽ ۾ منظوري کان اڳ وفاقي ڪابينا جو وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وزير ٻيهر 26هين آئيني ترميم تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وفاقي ڪابينا پاڪستان پيپلز پارٽي سميت حڪومتي اتحادي پارٽين جي 26هين آئيني ترميم جي تجويز ڪيل مسودي جي منظوري ڏني. سينيٽ کانپوءِ رات دير سان قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ به 26هين آئيني ترميمي بل منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو، وزير قانون اعظم نذير تارڙ چيو ته ماضي ۾ عدالتي اختيار بي انتها استعمال ڪيا ويا، سوموٽوز جي يلغار ٿي ۽ اسان فيصلن ۾ تضاد به ڏٺا، اسان جي عدالتن چونڊيل وزيراعظمن کي به گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو، هوڏانهن وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڪابينا پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ملڪي حالتن جي بهتري لاءِ بهترين فيصلا ڪيا. ڪابينا طرفان 26هين آئيني ترميم جي منظوري تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. ڪابينا اهو فيصلو ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ قومي ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي حلف جي پاسداري ڪندي ڪيو. الله جي فضل سان ملڪي معيشت جي استحڪام کانپوءِ ملڪ جي آئيني استحڪام ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ هڪ سنگ ميل عبور ڪيو ويو. وزيراعظم اتحادي پارٽين، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، گهرو وزير محسن رضا نقوي، وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ اطلاعات واري وزير عطاء الله تارڙ جي ڪوششن کي ساراهيو.

Read Previous

ملڪ ۾ سون جي نئين قيمت بلند ترين سطح تي پهچي وئي

Read Next

26هين آئيني ترميم: جسٽس منصور ۽ جسٽس عائشه جا دلچسپ ريمارڪس

Most Popular