اسلام آباد: (سومر: 21 آڪٽوبر 2024ع) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته 26هين آئيني ترميم پاڪستان جي جمهوريت تي راتاهو هنيو آهي، پر ان باوجود اهڙي خوشي جو اظهار ڪيو پيو وڃي جيئن ڪا وڏي ڪاميابي حاصل ٿي هجي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته پي ٽي آءِ 26هين آئيني ترميم جو بائيڪاٽ ڪري سٺو ڪيو آهي پر بهتر تڏهن ٿئي ها جڏهن اها انهي سموري راند جو حصو نه بڻجي ها، جيڪڏهن هو ائين ڪن ها ته حڪومت کي اهڙي طرح پنهنجو پاڻ کي پيش ڪرڻ جو موقعو نه ملي ها.
جماعت اسلامي جي امير پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تي تنقيد ڪندي چيو ته ڏک پهتو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏوهٽي آئين جي روح کي متاثر ڪيو آهي. هن چيو ته اسان مشاورت ڪري رهيا آهيون ته آئيني ترميم جي معاملي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ڪهڙي طرح آواز اٿاري سگهون ٿا. 1973 جو آئين انتهائي مشڪل حالتن ۾ ٺهيو هو، آئيني ترميم جو مسئلو ڪنهن پارٽي جو نه پر ملڪ ۽ قوم جو مسئلو آهي.
هن چيو ته مون کي ڏک پهتو آهي ته عدالتن مان هونئن ئي انصاف نه پيو ملي، پر هاڻ وڌيڪ انصاف کي عدالتن ۾ يرغمال بنايو ويندو. حافظ نعيم الرحمان چيو ته پاڪستان ۾ ٻين مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي بجاءِ انهي معاملي ۾ ماڻهن کي مصروف ڪيو ويو آهي ته جيئن اصل مسئلن تان ماڻهن جو ڌيان هٽي وڃي.
هن چيو ته پارليامينٽ ۾ اڌ کان وڌيڪ اهڙا ماڻهو آهن جيڪي کٽيل ئي نه آهن. ڪالهه پي ڊي ايم ٿري مڪمل طور تي فعال نظر اچي رهي هئي، مون کي خبر نه آهي ته نوازشريف ڇو ڏکويل نظر آيو، حڪومت جيڪو به ڪم ڪندي آهي اهو انهي جي ڳچي ۾ پوندو آهي.
آئيني ترميم بابت حافظ نعيم الرحمان وڌيڪ چيو ته عدليه تي قبضو ڪرڻ لاءِ اها ڪارروائي ڪافي ڏينهن کان جاري هئي، پارلياماني ڪميٽي ۽ وزيراعظم جي هٿ ۾ ججز جي مقرري جو معاملو ڏيڻ افسوسناڪ عمل آهي.
13 Comments
buy androxal us pharmacies
androxal with no prescriptions
buy enclomiphene purchase in canada
get enclomiphene price prescription
buy rifaximin uk online pharmacy
cheap rifaximin cheap united states
cheap xifaxan generic uk next day delivery
discount xifaxan purchase in the uk
order staxyn generic staxyns
generic staxyn canadian co no prescription
buy avodart cheap with prescription
how to order avodart usa price
ordering dutasteride online without a prescription
buy dutasteride cheap to buy online
buying flexeril cyclobenzaprine canada no prescription
get flexeril cyclobenzaprine price usa
discount gabapentin cheap next day delivery
purchase gabapentin generic name
buying fildena uk buy over counter
buy fildena cheap canada pharmacy
itraconazole no physician approval
purchase itraconazole buy online usa
kamagra sobotní doručení
kamagra bez lékařského předpisu
livraison samedi kamagra pas cher
pharmacie canadienne kamagra en ligne
Comments are closed.