سنڌو درياءِ مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ وارو عمل نہ رڳو سنڌ خلاف سازش آھي پر ھي ملڪ ٽوڙڻ جي سازش لڳي رھي آھي، پاليسي ساز جعلي اسيمبلين ذريعي صوبن خلاف بدنيتي تي ٻڌل فيصلا ڪري رھيا آھن جنھن سان وفاق کي نقصان پھچي سگھي ٿو.
اھڙن جو خيالن سنڌو درياءِ بچايو تحريڪ جي اڳواڻن پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ايس يو پي جي صدر سيد زين شاھ چيو تہ ھڪ طرف پنجاب جا ويران علائقا آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءِ مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ جون تياريون پيون وڃن تہ ٻئي طرف وري آباد علائقن کي بنجر بنايو پيو وڃي، پاليسي ٺاھيندڙن کي سوچڻ گھرجي تہ ھي ڪھڙي قسم جا فيصلا ڪري رھيا آھن. ھن چيو تہ چولستان جي 48 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءِ مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ لاءِ آصف زرداري ايوان صدر ۾ ويھي ڪجھ جنرلن سان گڏ منظوري ڏني آھي، جنھن کي سنڌ جو ماڻھو ڪنھن بہ صورت ۾ قبول نہ ڪندو.
جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو تہ سنڌو درياءِ ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نہ ڇڏڻ سبب سنڌ جي سامونڊي پٽي جي 40 لک ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آھي، جيڪڏھن سنڌو تي نوان ڪينال ٺھيا تہ پوءِ نہ رڳو ڪوٽڙي بئراج پر سکر ۽ گڊو بئراج بہ متاثر ٿيندا ۽ سنڌ ڀڙڀانگ بڻجي ويندي، پي ٽي آئي سنڌ جي نائب صدر ڊاڪٽر مسرور سيال چيو تہ ادارا ملڪ کي ٽوڙڻ جي سازش ڪري رھيا آھن، ھڪ طرف بلوچستان ۾ آزادي جي تحريڪ زور وٺي رھي آھي تہ ٻئي طرف ڪي پي ڪي ۾ بہ جرڳا ٿي رھيا آھن، پنجاب جي ماڻھو تي بہ ھِن وقت ظلم ۽ بربريت جا رڪارڊ ٽوڙيا ويا آھن ۽ وري سنڌ کي سڪائڻ لاءِ سنڌو درياءِ مان 6 نوان ڪينال ڪڍيا پيا وڃن، جنھن 2 کرب کان مٿي بجيٽ جي منظوري پڻ ڏني وئي آھي، اھڙا فيصلا وفاق کي ڪمزور ڪندا، ادارن کي سوچڻ گھرجي تہ ھي وقت صوبن کي گڏ کڻي ھلڻ جو آھي.
ان موقعي تي نينشل پيپلز پارٽي جي مسرور خان جتوئي، ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو، جماعت اسلامي جو عبدالقدوس احمداڻي، فنڪشنل ليگ جو وقار جٽ، ايس يو پي ضلعي صدر عمران خشڪ، ف ليگ ضلعي اياز قريشي، جماعت اسلامي جي عبدالمجيد سمون سميت قومي عوامي تحريڪ، جي يو آئي، عوامي جمھوري پارٽي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن موجود ھئا. جنھن بعد سنڌو درياءِ بچايو تحريڪ بيداري مارچ پنھنجي اڳين منزل سجاول ۽ بدين طرف روانو ٿي ويو.
13 Comments
get enclomiphene canada suppliers
get enclomiphene canada no prescription
kamagra par courrier
comprar kamagra generica
ordering androxal cost on prescription
where androxal australia
buying flexeril cyclobenzaprine canada medicine
online order flexeril cyclobenzaprine usa seller
order dutasteride buy uk no prescription
purchase dutasteride american express
how to buy gabapentin generic form
gabapentin orders cod
online order fildena overnight no rx
get fildena cheap in uk
where to purchase itraconazole online
buy cheap itraconazole buy in the uk
how to order staxyn buy uk no prescription
generic version for staxyn
Buy avodart tablets without a perscription
buy avodart without a script
discount xifaxan australia price
discount xifaxan generic ireland
get rifaximin generic from canadian pharmacy
No presciption rifaximin
phizer značka kamagra vyrobené v usa
kamagra online bez lékařského předpisu
Comments are closed.