حزب الله جو اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي رهائشگاهه تي ڊرون حملو

اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو جي رهائشگاهه تي حزب الله پاران ڊرون حملو ڪيو ويو آهي.

اسرائيلي ميڊيا موجب ڊرون حملي ۾ اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو جي قيساريا جي علائقي ۾ واقع ذاتي رهائشگاهه کي نشانو بنايو ويو. حملي وقت اسرائيلي وزيراعظم ۽ ان جي گهر واري گهر ۾ موجود نه هئا، حملو حزب الله طرفان ڪيو ويو آهي.

اختيارين موجب ڊرون حملو لبنان مان اڄ صبح جو ڪيو ويو. اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس طرفان جاري ڪيل  مختصر بيان ۾ حملي جي تصديق ڪندي چيو ويو آهي ته حملي ۾ ڪوبه زخمي نه ٿيو. حملي وقت اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ ان جي گهر واري ساره گهر ۾ موجود نه هئا. اسرائيلي اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته تل ابيب جي طرف لبنان مان فائر ڪيل 2 ڊرونز کي ڪيرايو ويو آهي.

Read Previous

سنڌو درياءَ بچايو بيداري مارچ ٺٽو پهچي ويو، 6 نوان ڪينال ڪڍڻ وارو عمل سنڌ خلاف سازش آهي: زين شاهه

Read Next

پينٽاگون مان ايران تي اسرائيلي حملي جي تياري بابت دستاويز ليڪ

Most Popular