پينٽاگون مان ايران تي اسرائيلي حملي جي تياري بابت دستاويز ليڪ

واشنگٽن (م ڊ) اسرائيل جي ايران خلاف جوابي حملي جي منصوبي بابت تمام ڳجھي معلومات ليڪ ٿي وئي آهي، جنهن کان پوءِ آمريڪا ان جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

ان معلومات تي مشتمل دستاويزن تي 15 کان 16 آڪٽوبر جي تاريخ لکيل آهي ۽ اها جمعي تي مڊل ايسٽ اسپيڪٽيٽر نالي هڪ ٽيلي گرام اڪائونٽ تي شايع  ڪئي وئي، جنهن بعد اها آن لائن گردش ڪرڻ لڳي

آمريڪي نشرياتي اداري هن معاملي سان سلهاڙيل ٽن ماڻهن کان جاچ جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته انهن مان هڪ دستاويز جي سچو هجڻ جي تصديق ڪئي آهي

هڪ آمريڪي عهديدار ٻڌايو ته اهو خبر ليڪ ٿيڻ تمام ڳڻتي جوڳو عمل آهي. اهي دستاويز ”ٽاپ سيڪريٽ“ طور نشان لڳل آهن ۽ انهن تي اهڙا نشان آهن جيڪي اهو ظاهر ڪن ٿا ته انهن کي صرف آمريڪا ۽ ان جا پنج اتحادي ”فائيو آئيز“ يعني آسٽريليا، ڪينيڊا، نيوزيلينڊ ۽ برطانيا ڏسي سگھن ٿا

انهن دستاويزن ۾ اسرائيل جي ايران تي امڪاني حملي جي تيارين جا تفصيل فراهم ڪيل آهن. ان حملي جي منصوبي ۾ اسرائيل کي هٿيارن جي چرپر شامل آهي

هڪ ٻئي دستاويز ۾ جيو قومي سلامتي ايجنسي سان منسوب آهي، ان ۾ اسرائيلي هوائي فوج جي مشقن جو زڪر آهي. جن ۾ هوا مان زمين تي مار ڪندڙ ميزائل شامل آهن

هاڻي آمريڪي انتظاميا ۾ ٿرٿلو آهي ۽ جاچ ڪئي پئي وڃي ته پينٽاگون جي مبينا دستاويزن تائين ڪنهن کي پهچي هئي

سي اين اين موجب اها ليڪيج آمريڪا اسرائيل لاڳاپن جي حساس وقت تي سامهون آئي آهي، ۽ اهو عمل اسرائيلين کي ناراض ڪري سگھي ٿو

Read Previous

حزب الله جو اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي رهائشگاهه تي ڊرون حملو

Most Popular