ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري اڄ ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهن ته جيئن دنيا کي پنهنجي زمين تي ڀارت جي ناجائز قبضي کي رد ڪرڻ جو پيغام ڏئي سگهجي.
ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ جمون وڪشمير ۾ اڄ مڪمل طور تي هڙتال ڪئِي پئي وڃي، جڏهن ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ احتجاجي مارچ، ريليون ۽ سيمينار پڻ منعقد ڪيا پيا وڃن.
آزاد ڪشمير ۾ 27 آڪٽوبر 1947 تي ڀارتي فوج جي حملي ۽ بي جي پي جي قيادت هيٺ هندوتوا حڪومت طرفان والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي مذمت جي لاءِ سمورن ضلعن ۽ تعلقه هيڊ ڪوارٽر ۾ احتجاجي مارچ، ريليون ۽ سيمينار منعقد ڪيا پيا وڃن.
رياستي راڄڌاني مظفر آباد ۾ ڪشمير لبريشن ڪميشن هڪ احتجاجي مظاهري جو اهتمام ڪيو آهي جنهن کان پوءِ هڪ ريلي پڻ ڪڍي ويندي. اهڙي طرح پاسبان حريت جمون، ڪشمير، ڪشميري پناهگير، ٻين حريت تنظيمن، سياسي ۽ مذهبي پارٽين ڪارو ڏينهن ملهائڻ لاءِ ڀارت مخالف ريليون ۽ سيمينار منعقد ڪرڻ جو اهتمام ڪيو آهي.
صدر آزاد جمون و ڪشمير بيرسٽر سلطان محمود چوڌري ۽ وزيراعظم چوڌري انوارالحق سڄي دنيا جي ڪشميرين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ڀارت جي خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائين.
ياد رهي ته 27 آڪٽوبر 10947ع تي ڀارتي فوجين ورهاست جي منصوبي جي کلم کلا ڀڃڪڙي ڪندي جمون وڪشمير تي حملو ڪيو ۽ ڪشميرين جي مرضي خلاف خطي تي قبنضو ڪري ورتو هو.