وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ٽيڪس جي لاءِ ڪنهن کي به حراسان نه ڪيو ويندو.
واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته نان فائلر گاڏيون ۽ ملڪيتون خريد نه ڪري سگهندا. نان فائلر جي لاءِ اسان کي ڪنهن به قسم جي قانوني مدد جي ضرورت نه آهي اسان نان فائلر جي اصطلاح ئي ختم ڪري رهيا آهيون.
هن چيو ته آمريڪا ۾ اسٽيڪ هولڊرز سان ملاقات دوران اڳڀرايون رهيون آهن. اسٽيڪ هولڊرز پاڪستان ۾ مهانگائي گهٽ ٿيڻ جي تعريف ڪئي. هن چيو ته سموريون ريٽنگ ايجنسيون چئي رهيون آهن ته پاڪستان جي هن وقت معيشت بهتر رستي تي هلي رهي آهي. ورلڊ بينڪ پاڪستان کي قرض نه گرانٽ ڏيندو. آءِ ايم ايف سان نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ٿيون آهن.
ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته ڪوشش هوندي ته اسان جو آءِ ايم ايف سان اهو آخري پروگرام هجي. اسان جي قدمن سبب ملڪ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام طرفان گامزن آهي، معيشت جي بهتري لاءِ اسان کي مشڪل فيصلا ڪرڻا پوندا.