اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف لنڊن پهچي ويو، حمايت ۽ مخالفت ۾ مظاهرا

مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ نوازشريف مختصر دوري تي لنڊن پهچي ويو، ايون فيلڊ پهچڻ تي (ن) ليگي ڪارڪنن نوازشريف جو پرجوش استقبال ڪيو.

نوازشريف جي رهائشگاهه ٻاهران احتجاج ڪندڙن نعرا لڳايا. پوليس کي نوازشريف جي گاڏي ايون فيلڊ ۾ داخل  ڪرائڻ لاءِ مدد ڪرڻي پئي. مظاهرين جي نعريبازي سبب نوازشريف صحافين سان ڳالهين کان سواءِ پنهنجي رهائشگاهه هليو ويو.  نوازشريف جي حمايت ۽ مخالفت ۾ مظاهرو ڪندڙن کي قابو رکڻ جي لاءِ پوليس اهلڪار روڊ جي وچ ۾ بيٺل رهيا.

ذريعن موجب نوازشريف لنڊن  مان اڱاري تي آمريڪا روانو ٿيندو، آمريڪا ۾ 4 ڏينهن رهڻ کان پوءِ اڳوڻو وزيراعظم واپس لنڊن پهچندو.

جڏهن ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز نومبر جي پهرين هفتي ۾ لنڊن پهچندي جتي نوازشريف ۽ مريم نواز گڏجي يورپ جو دورو ڪندا. ذريعن موجب نوازشريف دوري دوران اهم سياسي ملاقاتون ڪندو ۽ واپارين سان ملاقات به شيڊول آهي. ياد رهي ته نوازشريف 25 آڪٽوبر تي پرڏيهي ايئر لائين جي اڏام اي  ڪي 625 جي ذريعي دبئي روانو ٿيو هو.

Read Previous

ٽيڪس لاءِ ڪنهن کي به حراسان نه ڪيو ويندو، نان فائلر گاڏيون ۽ ملڪيتون خريد نه ڪري سگهندا: محمد اورنگزيب

Read Next

عمران خان ڪڏهن آزاد ٿيندو: منظور وساڻ نئين اڳڪٿي ڪري ڇڏي

Most Popular