عمران خان ڪڏهن آزاد ٿيندو: منظور وساڻ نئين اڳڪٿي ڪري ڇڏي

پ پ اڳواڻ منظور وساڻ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان جي آزادي بابت نئين اڳڪٿي  ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني سياري کان پوءِ گرميون به جيل ۾ گذاريندو.

پنهنجي هڪ بيان ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته 26هين آئيني ترميم ۾ 18هين آئيني ترميم جون شقون به شامل آهن. 26هين آئيني ترميم سان عدليه ۽ عوام سميت ڪنهن کي به نقصان نه پهچندو.

منظور وساڻ چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان وڏي مونجهاري آهي اهو هاڻ سيارو جيل ۾ گذارڻ کان پوءِ گرميون به جيل ۾ گذاريندو. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي  مٿان اسٽيبلشمينٽ سان گڏ  هجڻ جو الزام غلط آهي. پيپلز پارٽي جمهوريت پسند پارٽي آهي. اسان عوام سان گڏ آهيون ۽ عوام سان گڏ رهنداسين.

پ پ اڳواڻ چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ امن امان قائم رکڻ ۾ سرگرم آهي. اسان پنجاب جي علائقن ۾ سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جي حمايت نٿا ڪريون. هن چيو ته نوان تعليمي ادارا قائم ڪرڻ سان تعليم کي هٿي ملندي. تعليم دوست ماڻهو تعليمي ادارا کولڻ طرف ڌيان ڏين. پاڪستان لا ڪاليج جي جديد ترين عمارت ڏسي خوشي ٿي. ماضي جي تاريخ ٻڌائي رهي آهي ته خيرپور قديم دور کان شاهڪار عالمي ۽ ادبي شهر رهيو آهي. علائقي جا نوجوان پاڪستان لا ڪاليج ۾ پڙهي وڏا قانوندان بڻجندا.

ياد رهي ته پهرين آۡڪٽوبر تي منظور وساڻ اڳڪٿي ڪندي چيو هو ته مون کي محسوس ٿي رهيو آهي ته پي ٽي آءِ باني ڪجهه وقت وڌيڪ جيل ۾ رهندو. پي ٽي آءِ باني اسلام آباد ۽ مري جي ٿڌين هوائن ۾ ڦاسي چڪو آهي. هن چيو هو ته پي ٽي آءِ باني احتجاج ڪرائي پنهنجي لاءِ رليف وٺڻ چاهي ٿو پر رليف ڏيندڙ به وڏا پڪا آهن اهي پريشر ۾ نه ايندا. ڪي پي ڪي جو وڏو وزير وڏيون  ڳالهيون ڪري پي ٽي آءِ باني ۽ پارٽي کي نقصان پهچائي رهيو آهي.

منظور وساڻ اڳڪٿي ڪئي هئي ته حڪومتي سسٽم هلندو، صرف چهرا تبديل ٿيندا، شهباز شريف سمجهدار ماڻهو آهي موجوده حالتن ۾ جيڪڏهن ڪجهه ڪمال ڏيکاري ويو ته بچي ويندو.

Read Previous

اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف لنڊن پهچي ويو، حمايت ۽ مخالفت ۾ مظاهرا

Read Next

27 آڪٽوبر ايشيا جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، ڪشميرين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهنداسين: صدر، وزيراعظم

Most Popular