والاريل ڪش۾ير تي ڀارتي قبضي جا 77 سال مڪمل ٿي ويا، ڪاري ڏينهن جي موقعي تي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڪشميرين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ جو پيغام ڏنو آهي.
صدر آصف علي زرداري ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع ايشيا جي تاريخ ۾ ڪارو ڏينهن آهي، اڄوڪي ڏينهن ڀارت جمون، ڪشمير تي قبضي جي لاءِ فوج مقرر ڪئي.
صدر چيو ته والاريل جمون، ڪشمير جي عوام ڀارتي فوج جو جبر برداشت ڪري رهي آهي، ڀارت والاريل جمون، ڪشمير کي عسڪريت زده علائقي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. عالمي برادري ڀاءُ تي دٻاءُ وجهي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي کي روڪي، پاڪستان ڪشميرين سان انهن جي حق خود اراديت کي حاصل ڪرڻ تائين بيٺل رهندو.
وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 77 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن ڀارت سري نگر تي پنهنجي فوج لاٿي ۽ جمون ڪش۾يري جي هڪ وڏي حصي تي قبضو ڪيو.
شهباز شريف چيو ته ڀارتي قابض فوج دهشتگردي جي خاتمي واري سخت قانون آڏو رکندي ڪشميرين تي ظلم ڪري رهي آهي پر اهو جابرانه قدم ڪشميري عوام کي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ کان نٿا روڪي سگهن.
هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب جمون، ڪشمير جي تڪراري جي حتمي حل تائين انهن جي مڪمل اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.