سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سان ٺٽي جي لاڙ عوامي فورم جي چئيرمين حيدر شورو سميت سڪندر جاکرو، حاجن سولنگي سجاد رند، اظهر هالو، رحيم ميمڻ، ارشاد شورو، شهباز ميمڻ، نصير هالو، جاني ملاح، دلشاد عمراڻي، ظهير جاکرو، سارنگ شورو، نومان مغل، فياض جاکرو، شهباز سمون، نياز جاکرو، واحد بخش جاکرو ۽ ٻين ملاقات ڪري سوين ساٿين سميت سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.
ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو سمورن آيل نوجوانن کي پارٽي ۾ ڀليڪار چئون ٿا. سنڌ ترقي پسند پارٽي سنڌ جي واحد قومي پارٽي جيڪا سدائين عملي طور جدوجهد ۽ پنهنجي موقف ۾ واضع چٽي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ جي سمورين مصيبتن جو سبب سنڌ مٿان مڙهيل جاگيردار طبقو آهي. جيڪو سدائين مختلف جهنڊن سان اقتدار ۾ رهندو آهي. پ پ پ سنڌ کي صرف ووٽ جي منڊي سمجهي ٿي هن کي سنڌ جي مسئلن سان ڪابه دلچسپي ناهي. اهوئي سبب آهي سنڌ جو عوام اڄ به نه صرف بنيادي سهولتن کان محروم آهي. پر سنڌ خلاف ٿيندڙ سمورن فيصلن ۾ پ پ پ برابر جي شريڪ آهي.
ايس ٽي پي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته سنڌ جي معيشيت جو سڄو دارومدار زارعت تي آهي جيڪا سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ٿيندي آهي. هڪ طرف سنڌ سان ڪيل معاهدن مطابق سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي ته ٻي طرف هي حڪمران سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍي باقي پاڻي به سنڌ کان کسڻ ٿا چاهين. سنڌو مٿان ڪئنال ٺاهڻ سنڌ جو اجتماعي قتلام ٿيندو جنهن کي ڪوبه سنڌي قبول نه ڪندو. اهڙن سنڌ دشمن فيصلن جي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي احتجاجي تحريڪ شروع ڪري چڪي جنهن سلسلي ۾ 30 آڪٽوبر تي سکر ٻٻرلوءِ بائي پاس تي ڌرڻو هنيو ويندو جنهن ۾ سنڌ جي عوام ڀرپور شرڪت ڪري حڪمرانن ۽ پنجاب کي اهو نياپو ڏيندي ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي جياپي جو ذريعو ڪنهن به صورت ۾ کسڻ نه ڏيندا. ان موقعي تي ايس ٽي پي جو مرڪزي اڳواڻ امتياز سمون، سيد جلال شاھ ، ستار قريشي، اعجاز سنڌي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
13 Comments
rx pharmacy kamagra
acheter kamagra beau prix pas
canadian cheap enclomiphene with free pills
cheapest enclomiphene without prescription
cheapest buy androxal generic lowest price
how to order androxal generic equivalent
flexeril cyclobenzaprine online overnight delivery cod
online order flexeril cyclobenzaprine cheap drugs
order dutasteride canadian pharmacy no prescription
buying dutasteride cost australia
order fildena cheap with prescription
online order fildena buy online usa
order gabapentin without prescription
purchase gabapentin cost new zealand
cheap itraconazole american pharmacy
generic itraconazole quick shipping
discount staxyn generic health
cheap staxyn usa buying
ed meds avodart
ordering avodart generic pharmacy online
cheap rifaximin australia price
cheap rifaximin non prescription online
buy xifaxan generic compare
discount xifaxan cost uk
kupte si kamagra online kanadský žádný skript
kamagra prášky kanadské lékárny objednávky
Comments are closed.