وزيراعظم شهباز شريف سان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاهور ۾ سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي جنهن ۾ آئيني ترميم ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ذريعن موجب ملاقات ۾ 27 آئيني ترميم تي به ڳالهيون ڪيون ويون. بلاول ڀٽو 26هين آئيني ترميم کي به تاريخي قرار ڏنو. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 26هين آئيني ترميم جي منظوري جو ڪريڊٽ اتحادي پارٽين ڏانهن وڃي ٿو. پهريان به عوامي خدمت کان پوئتي نه هٽيا هئاسين هاڻ به پوئتي نه هٽنداسين.
بلاول ڀٽو چيو ته جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي مضبوطي لاءِ گڏي هلنداسين، غير جمهوري طاقتن جو رستو روڪڻ لاءِ 26هين آئيني ترميمي اهم ثابت ٿيندي.