پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ لطيف کوسه نومبر ۾ پي ٽي آءِ باني جي آزادي جي دعويٰ ڪري ڇڏي. هن چيو ته 26هين آئيني ترميم جي معاملي تي حڪومت جو ساٿ ڏئي مولانا فضل الرحمان يو ٽرن ورتو.
پي ٽي آءِ اڳواڻ لطيف کوسه صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته 26هين آئيني ترميم جي معاملي تي مولانا فضل الرحمان حڪومت جو ساٿ ڏئي پنهنجي بيان تان يو ٽرن ورتو.
هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جنهن اسيمبلي کي پاڻ نٿو مڃي، انهي اسيمبلي ۾ هڪ ڀاڱي 2 جي اڪثريت جو حصو ڪيئن بڻجي سگهي ٿو؟ هن کي انهي آئيني ترميم جو حصو نه بنجڻ گهرجي ها ۽ اسان جو مولانا فضل الرحمان کي ڏوراپا ڏيڻ ٺهي ٿو.
لطيف کوسه چيو ته پي ٽي آءِ باني جي جيل کان ٻاهر اچڻ تائين پارٽي جا معاملا بشريٰ بي بي جي حوالي ڪيا ويندا، بشريٰ بي بي يا عليمه خان کي پارٽي جو فوڪل پرسن بنايو ويندو.
هن چيو ته بشريٰ بي بي کي فوڪل پرسن بنائڻ سان وسوسا ختم ٿي ويندا ڇو ته هن وقت گهڻا وسوسا آهن بيرسٽر گوهر ڪجهه ٻيو ته سلمان اڪرم راجا ڪجهه الڳ چئي رهيا آهن. جڏهن ته اسد قيصر ۽ عمر ايوب جا بيان به تڪراري آهن.
پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته پي ٽي آءِ باني آمريڪي صدارتي چونڊن کان پوءِ جيل کان ٻاهر هوندو. ڊونلڊ ٽرمپ جون چونڊون کٽڻ جا چٽا امڪان آهن ۽ هو صدر چونڊجڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ باني جي آزادي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو.