پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر شير افضل مروت چيو آهي ته بشريٰ بي بي سياست ۾ نه پئي اچي، علي امين گنڊاپور کي احتجاجي مظاهرن کان ڌار ڪيو وڃي انهي کي جيڪو ڪجهه ڪرڻو هو اهو انهي ڪري ورتو.
پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر شير افضل مروت صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ باني جو موقف آهي ته منهنجا گهر ڀاتي سياست ۾ نه هوندا ۽ اسان سندس موقف جي حمايت ڪريون ٿا. بشريٰ بي بي سياست ۾ حصو نه وٺندي.
هن چيو ته منهنجي ذاتي راءِ آهي ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي احتجاجي مظاهرن کان ڌار ڪيو وڃي انهي کي جيڪو ڪجهه ڪرڻو هو اهو ڪري ورتو. مخالفن جي طرفان اها ڳالهه سامهون نه اچڻ گهرجي ته هڪ صوبي ٻئي صوبي تي چڙهائي ڪئي.
شير افض: مروت چيو ته ڌرڻي جي لاءِ ڪارڪنن جي حوصله افزائي جي ضرورت آهي پر اسان ڪجهه به نه ڪري سگهياسين قيادت وٽ احتجاج لاءِ منظم حڪمت عملي نه آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي لاءِ ڪنهن به قسم جا قدم نه پيا کنيا وڃن، هن وقت پي ٽي آءِ جا احتجاجي مظاهرا غير منظم آهن.
نئين چيف جسٽس جي مقرري بابت ڳالهيون ڪندي هن چيو ته نئون چيف جسٽس اڻڌري شخصيت آهي جڏهن اهو وڪيل هو تڏهن کان انهي جي ايمانداري تي يقين آهي.