قدرتي وسيلن سان مالامال ٺٽي ضلعي ۾ لاڳاپيل اختيارين ۽ تعليم کاتي جي اعليٰ عملدارن جي بي ڌياني سبب سون جي تعداد ۾ اسڪول بند، کليل اسڪولن ۾ سهولتن جي کوٽ سبب گلڙن جهڙا معصوم ٻارڙا سخت اذيتن هيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور، تعليم دوست ڌرين جي لڳاتار احتجاجن باوجود لاڳاپيل اختيارين ڪو به قدم نه کنيو.
ٺٽي جي ساحلي ۽ ڪوهستاني پٽي تي قائم گورنمينٽ گرلز بوائز پرائمري اسڪول اندر پيئڻ جي پاڻي، بجلي، پلي گرائونڊ، واش روم جي سهولتن سميت فرنيچر جي سخت کوٽ آهي، جنهن ڪري هن اسڪول جا معصوم گلڙن جهڙا ٻارڙا کليل آسمان هيٺ ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ان حوالي سان اسڪول جي شاگردياڻين ۽ ھيڊ ماسترياڻي ٻڌايو ته اسڪول اندر پيئڻ جي پاڻي، بجلي، واش روم ۽ پلي گرائونڊ سميت ڪنهن به قسم جي سهولت ميسر ٿيل نه آهي، جڏهن ته جون، جولاءِ ۾ اسڪول جي موڪلن دوران اسڪول ۾ چوڪيدار نه هئڻ ڪري چور در، دريون ۽ دروازا ٽوڙي پاڻي جي موٽرن سميت فرنيچر به چوري ڪري ويا آھن، جنهن سبب اسڪول جي ماسترياڻين سميت معصوم شاگردياڻيون سخت اذيت هيٺ تعليم پيرائڻ ۽ سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيون آهن.
گذريل سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي پاران ڄاڻايل اسڪول لاءِ 40 لک روپين جي بجيٽ منظور ڪئي وئي هئي، اها اسڪول تي خرچ نه ٿي ۽ سموري رقم ڪرپشن جي ورچڙھي وئي، جنهن خلاف جاچ به هلندڙ آھي، جڏھن ته هن وقت ٺٽي ضلعي اندر سون جي تعداد ۾ اسڪول بند آھن ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ سهولتن جي کوٽ سبب سون جي تعداد ۾ نجي اسڪول کلي ويا آھن، جتي سرڪاري اسڪولن جي استادن سميت امير طبقي جا ٻار انهن نجي اسڪولن ۾ تعليم پيرائن ٿا، جڏهن ته پورهيت طبقو تعليم جهڙي نعمت کان مڪمل طور تي محروم ٿي ويو آهي.
ٺٽي ضلعي ۾ تعليمي سڌارو نه اچي سگهيو، سون جي تعداد ۾گوسڙو استاد هئڻ جو انڪشاف، اڪثر استاد بائيو ميٽرڪ ٽيم سان گڏوگڏ مقامي استادن توڙي ڪامورن جي ملي ڀگت سان ڳري رشوت عيوض ويزا تي ويل، جڏهن ته سڄي سنڌ اندر تعليم جو هٿ سان ٻيڙو ٻوڙيو ويو آھي، پر لاڙ جي پوئتي پيل ضلعي ٺٽي اندر 2005 مشرف جي دور ۾ سون جي تعداد ۾ عمارتون ٺاهي انهن تي سيمس ڪوڊ هڻي نالي ماتر ڳوٺن اندر استاد به مقرر ڪيا ويا، پر اڄ اهي عمارتون مڪمل طور تي زبون حال آهن، يا ڪنهن وڏيري ڀوتار سياستدان جا مال جا وٿاڻ، اوطاقون ۽ گودام بڻيل آھن، ٻيهر بائيو ميٽرڪ جو سسٽم اچڻ کانپوءِ سون جي تعداد ۾ گوسڙو استاد وقت کان پهرين رٽائرمينٽ وٺي گهر ڀيڙو ٿي ويا، جنهن سبب ٺٽي ضلعي اندر سون جي تعداد ۾ سرڪاري اسڪول مڪمل طور تي بند ٿي ويا هئا،
اسڪول بند ٿيڻ جي ڪري اسڪولن اندر چوڪيدار نه هئڻ ڪري ماڻھن اسڪولن جو فرنيچرن سميت دروازا کڙڪيون لاهي کڻي ويا، جنهن سبب هڪ دفعو ٻيهر عمارتون مڪمل طور ختم ٿي ويون مرمت جي آڙ ۾ ڪيترائي سرڪار اسڪول بند هن وقت نئين سر استادن جي ڀرتين باوجود ٺٽي ضلعي اندر تعليمي سڌارو نه اچي سگهيو، سون جي تعداد ۾ استاد ته ڀرتي ڪيا ويا، پر جتي استاد کي مقرر ڪيو ويو، اتي عمارتون مڪمل طور زبون حال ۽ اڪثر جاين تي عمارتن جو نالو نشان ئي ناهي، جنهن سبب گوسڙو استادن پاران عمارتون نه هئڻ جو جواز ڄاڻي گهر ويٺي پگهارون کڻڻ لڳا، 80 سيڪڙو عمارتون هن وقت مڪمل طور زبون حال ۽ فرنيچرن جي اڻهوند ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب لڳ ڀڳ لکين معصوم شاگردن شاگردياڻيون تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن.
ڪوهستان جا لڳ ڀڳ 14 پرائمري گرلز ۽ بوائز اسڪول جکرو جوکيو ،غازي خان جوکيو ،حاجي رودين جوکيو ،ابوبڪر جوکيو ،علقو جوکيو ،قيوم هالاڻي ،علي محمد جوکيو ،اسماعيل جوکيو،الرکيو جوکيو،حاجي شفيع جوکيو ،علي محمد سمون ،صالح محمد برفت ،پيرو گجڻ ناٿو کماڻ، صادق جوکيو جا سرڪاري اسڪول مرمت جي آڙ ۾ بند ڪيا ويا آهن، ۽ اڪثر سرڪاري اسڪولن جا سيمس ڪوڊ مٽايا ويا جنهن سبب تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي، جڏھن ته انهن بند پيل اسڪولن اندر تعليم حاصل ڪندڙ معصون نياڻيون ۽ ٻارڙا مال چارڻ راند روند ۾ مصروف ٿي ڪري تعليم جهڙي زيور کان محروم ٿي ڪري پٿر واري زندگي گهارڻ تي مجبور ٿي ويا آھن، هنن سيشن جج ٺٽو ۽ چيف جسٽس کان اپيل ڪندي چيو ته فوري طور تي نوٽس وٺي ڪري بند پيل اسڪول کولرائي ڪري معصوم ٻارن جو مستقبل بچايو وڃي.