حافظ آباد: زهريلي مٺائي کائڻ سبب 3 ٻارڙا فوت، 5 جي حالت ڳڻتي جوڳي

حافظ آباد: (م ڊ) پنجاب جي ضلعي حافظ آباد جي ڏوراهين علائقي قلعه صاحب سنگهه ۾ زهريلي مٺآئي کائڻ سبب 3 ٻار فوت ٿي ويا، جڏهن ته 5 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

داخل ڪيل ايف آءِ آر موجب زهريلي مٺائي کائڻ کان پوءِ سمورا 8 ٻار سخت بيمار ٿي پيا، جن کي فوري طور تي حافظ آباد جي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽرز اسپتال منتقل ڪيو ويو.

حافظ آباد ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽرز اسپتال طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 2 ٻار اسپتال ۾ مئل حالت ۾ آندا ويا هئا، جڏهن ته هڪ علاج دوران فوت ٿي ويو، ٻين 5 ٻارن کي ريسڪيو 1122 چلڊرن اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته متاثرين سان سرڪاري ڊاڪٽرن جي هڪ ٽيم مسلسل طبي امداد جي لاءِ موجود هئي.

واقعي کان پوءِ شهباز مسيح جي مدعيت ۾ حافظ آباد جي سٽي ٿاڻي ۾ نامعلوم جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، اهڙي ڪيس ۾ قلم 302(قتل) ۽ 337 جي(زهريلو مواد ڏيڻ( شامل آهن.

ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته 10 ورهين جو دانش، 7 ورهين جو ڊيوڊ شهزاد ۽ 8 ورهين جو سيمسن فوت ٿي ويا، باقي 5 ٻارن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين سومر جي شام لاهور جي چلڊرين اسپتال منتقل ڪيو ويو.

اهڙن ٻارن ۾ 10 ورهين جي آتيشنا، 7 ورهين جي بيري، 10 ورهين جو ڪيلاش، 7 ورهين جو شهروز ۽ 10 ورهين جو شالوم شامل آهن انهن جو تعلق حافظ آباد جي علائقي قلعه صاحبه سنگهه جي هڪ ئي پاڙي مان هو. ٻارن جو تعلق مسيحي برادري سان آهي جنهن جي ڪري علائقي ۾ سوڳ جي فضا ڇانيل آهي.

Read Previous

ارسا سنڌ کي وڌيڪ پاڻي ڏيڻ واري پنجاب حڪومت جي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو

Read Next

بيرسٽر گوهر، عليمه خان ۽ ٻين کي هڪ دفعو ٻيهر عمران خان سان ملاقات کان روڪيو ويو

Most Popular